هر سال مئي جي ٻئي آچر تي ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ويندو آهي، پوءِ تاريخ ڪهڙي به هجي. سال 2026 ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن کي مئي مهيني جي ٻئي آچر تي اڄ 10 مئي آهي. ان حساب سان اڄ سڄي دنيا ۾ ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو پيو وڃي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ماڻهو پنهنجي مائرن سان محبت، احترام ۽ عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن. بيشڪ ماءُ هن ڪائنات جو اهو حسين رشتو آهي جنهن جي محبت، قرباني ۽ شفقت کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. ماءُ رڳو هڪ عورت نه پر پوري انسانيت جي بقا، تربيت ۽ تهذيب جو بنياد آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ماءُ جو وجود نه هجي ها ته نه ته خاندان جو تصور هجي ها، نه سماج هجي ها ۽ نه ئي انسانيت جي اها ساري خوبصورتي هجي ها جنهن تي دنيا ناز ڪري ٿي.
پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو هڪ ڏينهن ماءُ جي عظمت جا گيت ڳائڻ سان عورتن ۽ مائرن سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ٿي وينديون؟ ڇا رڳو ”هيپي مدرز ڊي“ لکي ڇڏڻ سان انهن لکين مائرن جا ڏک ختم ٿي ويندا جيڪي غربت، جنگين، بيروزگاري، بک، بدامني، گهريلو تشدد ۽ سماجي ناانصافين جي عذاب مان گذري رهيون آهن؟ جيڪڏهن سنجيدگي سان ڏسجي ته دنيا ۾ ماءُ سان محبت جا دعويدار تمام گهڻا آهن، پر ماءُ کي عزت، تحفظ، برابري ۽ سک ڏيڻ وارا تمام گهٽ آهن.اسان جي سماج ۾ ماءُ جي عظمت بابت وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪيون وڃن ٿيون، پر عملي طور تي عورتن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
اسان جو خيال آهي ته ماءُ سان حقيقي محبت جو مطلب اهو آهي ته عورت کي مڪمل عزت، آزادي ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ماءُ صرف ان وقت خوشحال ٿي سگهي ٿي جڏهن سندس ڌيءُ محفوظ هجي، جڏهن سندس پٽ بيروزگاريءَ کان آزاد هجي، جڏهن سندس گهر ۾ بک نه هجي، جڏهن سماج ۾ انصاف هجي. جيڪڏهن هڪ ماءُ پنهنجي ٻار کي بک ۾ سمهاريندي هجي ته پوءِ اسان جا سمورا نعرا منافقت بڻجي وڃن ٿا.اڄ دنيا ۾ جيڪي جنگيون هلي رهيون آهن، انهن جو سڀ کان وڏو درد به مائرن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. فلسطين جون مائرون پنهنجي ٻارن جون لاشون کڻي روئينديون آهن. غزا ۾ هزارين عورتون پنهنجن ٻارن سميت شهيد ٿي چڪيون آهن. يوڪرين، شام، يمن ۽ ٻين ملڪن ۾ جنگين لکين مائرن کان سندن خاندان کسيا آهن. دنيا جا حڪمران جنگين جا اعلان ڪن ٿا، پر انهن جنگين جو اصل عذاب مائرون ڀوڳين ٿيون. ڪو به حڪمران جڏهن جنگ جو حڪم ڏئي ٿو ته کيس اهو به سوچڻ گهرجي ته ان جنگ ۾ ڪنهن ماءُ جو نوجوان پٽ ماربو، ڪنهن ٻار جو پيءُ کسيو ويندو ۽ ڪنهن عورت جي سڄي زندگي برباد ٿيندي.
اڄ جي جنگي دنيا کي جيڪڏهن حقيقي امن گهرجي ته پوءِ عورتن ۽ مائرن جي سوچ کي اڳتي آڻڻو پوندو. تاريخ شاهد آهي ته عورت هميشه زندگيءَ، امن ۽ محبت جي علامت رهي آهي. ماءُ ڪڏهن به جنگ نٿي چاهي. ماءُ هميشه چاهي ٿي ته سندس ٻار سک سان جيئندا رهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ڪيترين امن تحريڪن ۾ عورتن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي
اسان اهو به سمجهون ٿا ته مائرن جي عالمي ڏينهن تي رڳو عورتن بابت جذباتي تقريرون ڪرڻ بدران عملي قدم کڻڻ گهرجن. حڪومت کي عورتن جي تحفظ لاءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻ گهرجن. هراسمينٽ خلاف ادارن کي موثر بڻائڻ گهرجي. عورتن جي تعليم، صحت ۽ روزگار لاءِ خاص پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. ٻهراڙيءَ جي عورتن کي به ترقيءَ جا برابر موقعا ڏيڻ گهرجن. ڪاروڪاري، جبري شادي، گهريلو تشدد ۽ عورتن جي واپار جهڙن ڏوهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.اسان جي تعليمي نظام ۾ به عورت بابت سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. ٻارن کي ننڍپڻ کان اهو سيکارڻ گهرجي ته عورت ڪو ڪمزور مخلوق نه، پر انسانيت جي معمار آهي. ماءُ کي صرف باورچيخاني تائين محدود ڪرڻ بدران سندس علمي، سماجي ۽ انساني ڪردار کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڇا رڳو عورتن جو ڏينهن يا مائرن جو ڏينهن ملهائڻ سان سماج بدلجي ويندو؟ يقينن نه. سماج ان وقت بدلجندو جڏهن سوچ بدلجندي. جڏهن مرد عورت کي پنهنجي ملڪيت نه، پر برابر انسان سمجهندو. جڏهن خاندان ڌيءَ ۽ پٽ ۾ فرق ختم ڪندو.
اڄ جڏهن دنيا نفرتن، جنگين، معاشي بحرانن ۽ اخلاقي زوال جو شڪار آهي ته اتي ماءُ جي سوچ، شفقت، محبت ۽ برداشت واري فلسفي کي اڳتي آڻڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. جيڪڏهن دنيا جي حڪمرانن ۾ ماءُ جهڙي محبت ۽ احساس پيدا ٿي وڃي ته شايد جنگيون ختم ٿي وڃن. ماءُ ڪڏهن نفرت نه سيکاريندي آهي، ماءُ محبت سيکاريندي آهي. ماءُ ڪڏهن بارود نه ورهائيندي آهي، ماءُ زندگي ڏيندي آهي.
سو مائرن جو عالمي ڏينهن صرف هڪ روايت نه، پر هڪ سنجيده سماجي ۽ انساني ياد ڏيارڻ آهي. اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته عورت جي عزت کانسواءِ ڪوبه سماج مهذب نٿو بڻجي سگهي. ماءُ جي عظمت جا گيت ڳائڻ سان گڏ عورت کي تحفظ، آزادي، برابري ۽ انصاف به ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن سماج عورت کي محفوظ نه بڻائيندو ته پوءِ مائرن جي عالمي ڏينهن جون تقريبون رڳو منافقت بڻجي وينديون.دنيا جي هر ماءُ کي سلام، جيڪا غربت ۾ به پنهنجي ٻارن کي جيئڻ سيکاري ٿي، جيڪا جنگ ۾ به اميد جو ڏيئو ٻاري ٿي، جيڪا ڏکن ۾ به محبت ورهائي ٿي. دنيا جي هر ماءُ اصل ۾ انسانيت جو چهرو آهي. جيڪڏهن انسانيت کي بچائڻو آهي ته پوءِ ماءُ جي عزت، عورت جي آزادي ۽ محبت جي فلسفي کي پنهنجي سماج، سياست ۽ رياست جو مرڪز بڻائڻو پوندو.