ايران جنگ: آمريڪا کي ڪيترو نقصان برداشت ڪرڻو پيو؟

سليم صافي

آمريڪا ايران ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن قرار ڏيندو رهيو آهي، پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان جو سڀ کان وڏو دشمن دراصل ان جو سڀ کان ويجهو ساٿي، يعني اسرائيل ثابت ٿيو آهي. اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو ئي آمريڪا کي ايران خلاف جنگ لاءِ آماده ڪيو ۽ نتيجي ۾ آمريڪا پاڻ به وڏي نقصان ۾ رهيو. بيشڪ ايران کي به غيرمعمولي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، پر جنگ جي خاتمي کان اڳ ڪيترن ئي محاذن تي آمريڪا کي به سخت نقصان رسيو. پهريون وڏو نقصان آمريڪا جي اخلاقي ساک کي ٿيو. هن جنگ لاءِ نه ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان اجازت ورتي وئي ۽ نه ئي نيٽو جهڙن ادارن کان. پوءِ جنگي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي شهيد ڪرڻ يا اسڪول جي ڏيڍ سئو ڇوڪرين کي موت جو نشانو بڻائڻ جهڙن واقعن آمريڪا جي اخلاقي حيثيت کي سخت متاثر ڪيو.

ماضي ۾ آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي بنياد تي ٻين ملڪن تي دٻاءُ وجهندو رهيو آهي، پر هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهڙي بربريت کان پوءِ هو ڪهڙي منهن سان عالمي قانونن يا انساني حقن جي ڳالهه ڪندو؟ ٻيو وڏو نقصان آمريڪا کي اهو ٿيو ته هو نيٽو جي حمايت کان محروم ٿي ويو. ساٿ نه ڏيڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو خلاف سخت بيان ڏنا، جنهن کان پوءِ مستقبل ۾ آمريڪا ۽ نيٽو جي وچ ۾ اڳ جهڙي هم آهنگي ممڪن نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ نيٽو ۾ آمريڪا جو حصو سڀ کان وڏو رهيو آهي، پر حقيقت اها به آهي ته آمريڪا ئي نيٽو کي سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪندو رهيو. نيٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن جي اتحاد سبب آمريڪا جي عالمي طاقت کي وڌيڪ وزن ملندو هو. هڪ ٻيو وڏو نقصان اهو ٿيو ته آمريڪا جي ناقابلِ شڪست سپر پاور هجڻ جو تاثر ٽٽي ويو. جڏهن دنيا ڏٺو ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران جهڙي ملڪ کي به جهڪائي نه سگهيو، ته سندس فوجي طاقت بابت به سوال اٿڻ لڳا. ايران-اسرائيل جنگ دوران جڏهن آمريڪي بي-52 جهازن ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملو ڪيو ته دعويٰ ڪئي وئي ته سڀ ڪجهه تباهه ڪيو ويو آهي، پر پوءِ ٻيهر ساڳئي افزودہ يورينيم جي بنياد تي ايران تي حملو ڪيو ويو. باوجود ڏيڍ مهيني جي جنگ جي، آمريڪا ايران کي اهڙي معاهدي تي به راضي نه ڪري سگهيو جهڙو معاهدو ايران اوباما حڪومت سان ڪيو هو.

ايران جنگ سبب آمريڪا کي هڪ وڏو نقصان اهو به ٿيو ته خليجي ملڪن جو سندس سيڪيورٽي تي اعتماد مجروح ٿيو. سعودي عرب، عمان، يو اي اي، قطر، بحرين ۽ ڪويت آمريڪا کي پنهنجن ملڪن ۾ فوجي اڏا ان اميد تي ڏنا هئا ته ڪنهن به ٻاهرين خطري جي صورت ۾ آمريڪا انهن جو دفاع ڪندو، پر معاملو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو. ايران انهن ملڪن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انهن آمريڪا کي پنهنجا اڏا ڏئي رکيا هئا. پوءِ ايران انهن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪندو رهيو ۽ آمريڪا رڳو تماشو ڏسندو رهيو.

آمريڪا اهو ضرور چئي سگهي ٿو ته سندس فراهم ڪيل دفاعي نظام سبب انهن ملڪن جو نقصان گهٽ ٿيو، پر حقيقت اها آهي ته جنگ جي مصيبت به آمريڪا ۽ اسرائيل جي پاليسين سبب انهن ملڪن تي آئي، جڏهن ته دفاعي سامان انهن ملڪن آمريڪا کان پئسا ڏئي خريد ڪيو هو. انهن حالتن کان پوءِ هاڻي خليجي ملڪ شايد ئي پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور آمريڪا تي ڀروسو ڪن، ۽ لازمي طور ٻين ملڪن ڏانهن به رخ ڪندا. جيتوڻيڪ سعودي عرب ايران جنگ کان اڳ به آمريڪا تي زور ڀريو هو ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، پر هاڻي مغربي ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته پروجيڪٽ فريڊم تي عمل نه ٿيڻ جي هڪ وڏي وجهه پاڪستان پاران ان جي مخالفت هئي، جڏهن ته ٻي طرف محمد بن سلمان آمريڪا کي پنهنجا فوجي اڏا ۽ فضائي حدون استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ايران جنگ سبب هڪ نقصان يوڪرين کي به ٿيو. يورپ جي سيڪيورٽي ترجيحن ۾ يوڪرين سرفهرست هو ۽ جنگ کان اڳ آمريڪا ۽ يورپ گڏجي روس خلاف يوڪرين جي مدد ڪري رهيا هئا، پر ايران جنگ سبب ڌيان يوڪرين تان هٽي ويو. ان سان گڏ آمريڪا ۽ يورپ جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن کان پوءِ هاڻي اڳ وانگر گڏجي يوڪرين جي مدد ڪرڻ ممڪن نظر نٿو اچي. ايران جنگ جو هڪ وڏو فائدو روس کي ٿيو. جيئن اڳ ذڪر ٿيو ته يوڪرين جنگ تان عالمي ڌيان هٽڻ روس لاءِ فائديمند ثابت ٿيو، جڏهن ته ٻي طرف آمريڪا کي مارڪيٽ ۾ تيل جي کوٽ کان بچڻ لاءِ روس کان تيل درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي پئي. نتيجي ۾ تيل جون قيمتون وڌيون ۽ روس تيل وڪڻي وڏي آمدني حاصل ڪئي.

هن جنگ عالمي معيشت کي به سخت نقصان پهچايو. يورپ ۽ ايشيا ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سبب مهانگائي جي لهر اچي وئي. آمريڪا تيل جي حوالي سان پاڻ ڪفيل آهي ۽ هاڻي وينزويلا جي تيل تي به قبضو ڪري چڪو آهي، تنهنڪري اتي يورپ ۽ ايشيا جيترو اثر نه ٿيو، پر پوءِ به مهانگائي ۾ واڌارو آيو. ڪورونا کان پوءِ پيدا ٿيل هن وڏي عالمي معاشي بحران لاءِ دنيا ڊونلڊ ٽرمپ کي ذميوار قرار ڏئي رهي آهي.اهي ته اهي نقصان هئا جيڪي دنيا ۽ آمريڪا کي ايران جنگ سبب برداشت ڪرڻا پيا، پر حقيقت اها آهي ته خود ٽرمپ جي ذات کي به وڏو نقصان ٿيو. سندس بيانن ۽ ٽوئيٽن سبب هو هڪ غيرسنجيده، ڪوڙو، ظالم ۽ مسخرو اڳواڻ طور مشهور ٿيو. هي جنگ شروع کان ئي غيرمقبول هئي، جڏهن ته ٽرمپ ان لاءِ ڪانگريس کان به منظوري نه ورتي هئي. وقت گذرڻ سان گڏ جنگ وڌيڪ غيرمقبول ٿيندي وئي ۽ ان سان گڏ ڊونلڊ ٽرمپ جي مقبوليت به سخت متاثر ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.