نوشهروفيروز (عوامي آواز نيوز) اين پي پي سربراهه مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته هي حڪومت مدو پورو ڪندي نظر نه پئي اچي، وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون يا وري مارشل لا لڳندو، هزارين دعوتون مليون آهن، چون ٿا چانهه پي وڃ، ڀلي پوءِ گهر ڊاهين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ جنهن قسم جو ماحول ٺاهيو ويو آهي ته ڪير ڪُڇي به نه، ڪير ڳالهائي به نه، ڪير سچ ڳالهائي ته پوءِ حڪومت سمجهي ٿي ته هي اسان جا ذاتي دشمن آهن، هاڻ جهڙي قسم جون رسمون رواجون وڌيون پيون وڃن، اهو چوندا آهن ته جيڪو اوهان پوکيندا ته لڙندا به اهو، ماڻهن جا گهر ڊهرائيندا، ماڻهن جا پمپ ڊهرائڻ، ماڻهن جا دڪان ڊهرائڻ، اهڙي قسم جي سياست اسان کي قبول ناهي، هن چيو ته ضياءُ الحق ۽ اسان جي مخالفت هئي، تڏهن به اهڙي صورتحال نه هئي، ان ۾ سنڌي ميڊيا هجي، وڪيل برادري هجي، ماڻهو هجن، ان ۾ سچ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي، هن موجوده صورتحال ۾ سچ جو ساٿ ڏيڻ تمام ڏکيو ويو آهي، وري به سنڌي ميڊيا کي جس هجي حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪري پئي، نيشنل ميڊيا کان وڌيڪ جيڪا سنڌي ميڊيا ڪوريج پئي ڪري جيڪي سهي ڳالهيون آهن، جيڪي سنڌ جا اصل مسئلا آهن، انهن کي وڪيل برادري، سوشل ورڪر، سنڌي ميڊيا ڪوريج ڪن پيا، ڪجهه سياستدان جيڪي سمجهن ٿا ته سسٽم خراب ٿي چڪو آهي يڪطرفه شيون پيون آهن بادشاهت قائم ٿي چڪي آهي اهي ان شين خلاف ميدان ۾ بيٺل آهن.