ميرپورخاص تعليمي اسڪينڊل، آفيسرن خلاف ڪارروائي کان روڪيو ويو

ميرپورخاص (بيورو)ميرپورخاص ۾ نتيجن جي تبديلي ۽ ڪروڙين جي ڪرپشن،عدالت پاران جوابدارن خلاف ڪارروائي روڪي وئي، ميرپورخاص ۾ نتيجن جي تبديلي ۽ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي الزام واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اينٽي ڪرپشن کي ٽن آفيسرن  خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، عدالت ٽنهي آفيسرن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، وڪيل صولت رضوي دليل ڏيندي چيو ته ٽنهي آفيسرن جو ڏوهه ڪنٽرولر ميرپورخاص جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪرڻ آهي، ڪنٽرولر ميرپورخاص انور علي راڄپوت شاگردن جا امتحاني نتيجا تبديل ڪندو هو، وڪيل وڌيڪ چيو ته ٽنهي تعليمي آفيسرن ٻه ڀيرا ميمبر انسپيڪشن ٽيم کي خط لکيا، پر اينٽي ڪرپشن انهن خطن تي جاچ کان روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن ئي آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، فرحان اختر ڊپٽي سيڪريٽري، علي گل جلباني ڊپٽي سيڪريٽري ۽ زبير ڪٽبر تعليمي آفيسر آهن، ٽنهي خلاف 20 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.