ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ، لسٻيلا پل هيٺان لائين مان پاڻي چوري، نيٽ ورڪ وائکو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته لسٻيلا پل هيٺ پاڻي واري اداري جي مک لائين مان پاڻي جي چوري جو نيٽ ورڪ وائکو ڪيو ويو، ملوث جوابدار شڪيل مهر ۽ ابراهيم خلاف ڪيس داخل ڪيaو ويو، ڪراچي ۾ واٽر ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي چوري جي وڏي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪيو، ترجمان موجب پاڪستان رينجرز ۽ واٽر ڪارپوريشن گڏيل ڪارروائي ڪندي لسٻيلا پل هيٺ غيرقانوني زمين اندر نيٽ ورڪ پڪڙيو، جتي 33 انچ مک لائين مان ڳجهي سرنگ ذريعي پاڻي چوري  ڪيو پيو وڃي، اختيارين موجب 30 فٽ اونهي ٽانڪي ۾ لڪل سرنگ ذريعي واٽر لائين مان سڌو ڪنيڪشن ورتو ويو هو، جڏهن ته ڪارروائي دوران 80 هارس پاور وڏي سکشن مشين ۽ 4 انچ پائپ لائين به هٿ ڪئي وئي، ترجمان موجب چوري ٿيل پاڻي جو ٽي ڊي ايس 450 رڪارڊ ٿيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته اهو زير زمين پاڻي نه پر مک لائين جو صاف مٺو پاڻي هو۔ ماهرن به ان جي تصديق ڪئي آهي، ڪارروائي دوران شڪيل مهر ۽ ابراهيم جي استعمال هيٺ ٽي زير زمين نيٽ ورڪ به چيڪ ڪيا ويا، جتان پاڻي چوري جي تصديق ٿي وئي، اختيارين غيرقانوني نيٽ ورڪ سيل ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي، واٽر ڪارپوريشن موجب ملوث جوابدار شڪيل مهر ۽ ابراهيم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شڪيل مهر جي نيٽ ورڪ مان پاڻي چوري ۽ واجبات نه ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو، جنهن تحت لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رپيا رهتون آهن، ترجمان چيو ته بروقت ڪارروائي سان قومي وسيلن جي وڏي نقصان کان بچاءُ ٿيو آهي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو هڻندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.