ٽنڊو الهيار ويجهو ڪبوترن جي شرط تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، 5 زخمي

ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊوالھيار ويجھو ڪبوترن تي شرط تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ٻيڙو لاشاري ۽ ڳوٺ مھرو لاشاري جي ڳوٺاڻن جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪبوترن جي شرط تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٿيل فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري احسان علي  لاشاري ۽ رفيق لاشاري علاج دوران فوت ٿي ويا، زخمين ۾ حاجي خان لاشاري، شھباز لاشاري، شريف لاشاري ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول تي ضابطو آندو پر ان جي باوجود ٻنھي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي ڌرين ۾ ڏھڪاءُ، ڪاوڙ ۽ ڏک وارو ماحول برقرار آھي، پوليس موجب جھيڙو ڪبوترن تي شرط تان ٿيو. پوليس پاران ڪنھن به ان وڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ علائقي کي پوليس جو ڪڙو برقرار آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.