غوثپور (ن ع آ) غوثپور ۾ 2 ڏينھن اڳ ڪشمور پوليس ھٿان جمال ٿاڻي ڄي حد جي علائقي ڊريٻيلو پل ڀرسان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڏوھاري منظورعرف منو بھلڪاڻي خلاف ڪيس سرڪار پاران ڪرمپور ٿاڻي تي قلم 353 ۽ 324 تحت داخل ڪيو ويو، پوليس پاران ڪيس ۾ مارجي ويل ڏوھاري سميت پنجن سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتلن سميت ٽوٽل ستن بھلڪاڻي گينگ جي ڏوھارين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته بھلڪاڻي گينگ جا بدنام ۽ روپوش ڏوھاري منظور عرف منو ۽ ملھو بھلڪاڻي پنھنجي ساٿين سان گڏجي غوثپور کان تنگواڻي ويندڙ لنڪ روڊ تي ڏوھ ڪرڻ جي ارادي سان بيٺا ھئا ته ڳجھو اطلاع مليو ۽ ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿيو ته ھنن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ انعام يافته ڏوھاري منو بھلڪاڻي مارجي ويو، جڏھن ته سندس ساٿي اوندهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، واضع رھي ته مارجي ويل ڏوھاري قتل، اغوا، ڀتا خوري، ڦر ۽ ٻين ڪيترن ئي سنگين ڏوھن ۾ پوليس کي گھربل هو، پوليس ڏوهاري جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.