تهران/ واشنگٽن (م ڊ) آبناءِ هرمز ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ چڪريون جاري رهيون.گذريل رات هڪ جهاز تي آمريڪي حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿيا: گورنر مناب مناب جي گورنر چيو ته آمريڪي فوج گذريل رات مناب جي ويجهو هڪ ڪمرشل جهاز تي حملو ڪيو هو. حملي جي ڪري جهاز ۾ باهه لڳي وئي. حملي ۾ جهاز تي سوار هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته 10 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگ بندي اڃا تائين برقرار آهي.آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي فوج ايران طرفان ڪيل حملن جي جواب ۾ دفاعي ڪارروائيون ڪيون ۽ ايراني فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو.ٽرمپ ايران کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن تهران جلد امن معاهدي تي صحيحون ڪري ته مستقبل ۾ وڌيڪ تشدد ۽ ڇڪتاڻ کان بچي سگهجي ٿو.سندس چوڻ هو ته آمريڪا خطي ۾ استحڪام چاهي ٿو پر آمريڪي فوج ۽ مفادن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جڏهن به سفارتي طريقي سان معاملا حل ٿيڻ ڏانهن وڌندا آهن ته بلڪل ان موقعي تي آمريڪا هڪ خطرناڪ فوجي مهم جوئي جو چونڊ ڪندو آهي. سوشل ميڊيا سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ”ڇا هي رڳو دٻاءُ وجهڻ جي هڪ اڻ ڍنگي حڪمت عملي آهي؟ يا وري ڪا ٻي شرپسندي ، جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي صدر کي هڪ نئين ڌُٻڻ ۾ ڌڪي رهي آهي؟“ سندس چوڻ هو ته ”سبب ڇا به هجي، نتيجو هميشه هڪ ئي رهندو آهي ۽ اهو هي ته ايراني ڪڏهن به دٻاءُ اڳيان نه جهڪندا آهن.“ عباس عراقچي آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) طرفان ايران جي ميزائل ذخيرن بابت اندازن کي به غلط قرار ڏنو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ”اسان جي ميزائل ذخيرن ۽ لانچرز جي صلاحيت 31 مارچ جي ڀيٽ ۾ 75 سيڪڙو ناهي، صحيح انگ اکر 120 سيڪڙو آهن.“