فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن بابت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي جاچ شروع

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ مالي خردبرد جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ مڇي جي آمد جي رڪارڊ  ۾ مبينا هيراڦيري بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن اختيارين فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ٻن اهم آفيسرن خلاف گهيرو تنگ ڪندي جنرل مئنيجر کي باضابطا خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مارڪيٽ مئنيجر ناصر ۽, مينٽيننس انچارج نادر خان جو مڪمل سروس رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ اينٽي ڪرپشن اختيارين ٻنهي آفيسرن جا مقرري ناما، تعليمي اسناد، ڊوميسائل، سروس هسٽري ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي۔ اختيارين موجب ڄاڻايل آفيسرن تي الزام آهي ته هنن مڇي جي آمد گهٽ ظاهر ڪري سرڪاري رڪارڊ ۾ ردوبدل ڪئي، جڏهن ته نيلامي جي عمل ۾ به مبينا جعلسازي ڪئي وئي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مالي بي ضابطگين ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي ڪردار جو به جائزو ورتو پيو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.