ڪراچي ۾ عورت اڳواڻن پاران سڀاڻي مارچ رٿيل، سنڌ حڪومت اجازت نه ڏني

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ عورت مارچ اڳواڻن پاران 10 مئي تي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته اڃا تائين سنڌ حڪومت اجازت نه ڏني،  جنهن سبب صورتحال غير يقيني ۽ ڪجهه حد تائين ڇڪتاڻ واري نظر اچي رهي آهي، رپورٽن موجب پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عورت مارچ جي شروعات 2018 کان ٿي هئي، جيڪو هر سال عورتن جي عالمي ڏينهن يعني 8 مارچ تي منعقد ڪيو ويندو رهيو آهي پر هن سال رمضان مهيني سبب هن روايت ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ منتظمين هن ڏينهن کي ملتوي ڪندي مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي 10 مئي تي مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌي وئي جڏهن سنڌ حڪومت اپريل جي آخري هفتي ۾ جلسن، جلوسن ۽ ريليَن تي پابندي لاڳو ڪئي، جنهن کان پوءِ 6 مئي تي جڏهن عورت مارچ جون آرگنائيزر پريس ڪانفرنس لاءِ پهتيون ته پوليس کين روڪي ڇڏيو ۽ مشهور سماجي ڪارڪن شيما ڪرماني سميت ٻين عورت اڳواڻن کي گهلي گرفتار ڪيو ويو، هن واقعي تي سڄي ملڪ ۾ سخت ردعمل سامهون آيو ۽ احتجاج کان پوءِ آخرڪار شيما ڪرماني کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي سميت ٻين پوليس آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو، هن سال عورت مارچ نه رڳو پنهنجي تاريخ پر هنڌ جي لحاظ کان به مختلف آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ماضي ۾ هي مارچ فريئر هال، مزار قائد يا بنس روڊ گارڊن جهڙن هنڌن تي ٿيندو رهيو آهي، پر هن ڀيري سي ويو تي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن سموري صورتحال دوران عورت مارچ جي قيادت صوبائي گهرو وزيرر ضياءُ الحسن لنجار ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ملاقاتون به ڪري چڪي آهي، جن ۾ اين او سي جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي پر حڪومت طرفان اڃا تائين لکت ۾ اجازت نامو جاري ناهي ڪيو ويو، جيتوڻيڪ صوبائي وزير شاهينه شير علي طرفان اهو اشارو ڏنو ويو آهي ته اجازت ڏني پئي وڃي، ٻئي طرف عورت مارچ جا مطالبا به بحث جو اهم مرڪز بڻيل آهن، جن ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ ساڳئي ڪم عيوض برابر پگهار مقرر ڪرڻ، سڀني مزدورن سميت گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن ۽ کيتن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه هزار رپيا يا ان کان وڌيڪ ماهوار اجرت مقرر ڪرڻ جو مطالبو آهي، عورتن کي ملڪيت ۽ ورهاست ۾ بنا رنڊڪ حق ڏيڻ، جنسي هراسمينٽ، زيادتي ۽ ٻارن سان بدسلوڪي خلاف سخت قانون ۽ انهن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، گهريلو تشدد کان تحفظ ۽ محفوظ پناهه گاهن جو قيام شامل آهن، جڏهن ته هن تازي تحريڪ ۾ جبري گمشدگين خلاف آواز به شامل ڪيو ويو، ان سان گڏ عورتن لاءِ پارڪن، رستن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي محفوظ بڻائڻ جا مطالبا به هن مارچ کي هڪ وسيع سماجي بحث جو حصو بڻائي رهيا آهن، جنهن سبب انتظاميا ۽ منتظمين وچ ۾ معاملن جي حساسيت وڌيڪ وڌي وئي آهي.

ڌمڪيون پيون ملن، ڪجهه ٿيو ته سردار، برهان چانڊيو ۽ آجي سنڌ ذميوار هوندا: ام رباب

لاڙڪاڻو/ڪراچي(ع آ نيوز) ميهڙ ۾ قتل ٿيل ڪرم الله چانڊيو سميت ٽن مقتولن جو ڪيس وڙهندڙ سندن گهر جي نياڻي ام رباب چانڊيو پنهنجي تازي وڊيو پيغام ۾ سنڌ حڪومت ۽ پوليس تي سنگين الزام لڳايا آهن ۽ انهن کي پنهنجي جان کي خطرن کان آگاهه ڪيو آهي. ام رباب دعويٰ ڪئي آهي ته کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو پيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ پوليس جي ملوث هجڻ جون رپورٽون آهن. وڊيو بيان ۾ آءِ جي سنڌ کان پڇيو ويو آهي ته ڇا پوليس ادارو وڏيرن ۽ سردارن جي جاگير” بڻجي ويو آهي؟ ام رباب جي حمايتين ۽ هارين کي پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ، انهن تي سڌي طرح فائرنگ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. ڪنهن به جاني نقصان جي صورت ۾  سردارن سان گڏو گڏ سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي به ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. ام رباب چانڊيو واضح ڪيو آهي ته سردار ۽ وڏيرا هاڻي کيس قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. هن هڪ آڊيو رڪارڊنگ جو حوالو ڏنو جنهن ۾ جيل مان آزاد ٿيل ڀاڙي جا قاتل ۽ مقامي  ڏوهاري سندس حمايتين کي فون ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته ام رباب جي حمايت ڪرڻ تي انهن خلاف ڪوڙا ايف آءِ آر داخل ڪيا ويندا. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو کي مخاطب ڪندي ام رباب چيو ته، "آءِ جي صاحب، ڇا توهان جو ادارو هڪ ‘پري سيل’ آهي؟ عام ڏوهاري پوليس جي نالي تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هوش ۾ اچو ۽ انهن سردارن کي قابو ڪريو، ٻي صورت ۾ تاريخ توهان کي معاف نه ڪندي.” هن چيو ته انهن جي زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين تي سڌي فائرنگ’ ڪئي وئي ته جيئن زمينون غير آباد رهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.