سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بل منظور

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جمعي ڏينهن پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بل منظور ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ٻيا مسودا قانون به ايوان ۾ پيش ڪيا ويا، جيڪي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويا. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن پينل آف چيئرپرسن ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ايوان جي ڪارروائي جي شروعات ۾، مختلف ميمبرن گذريل سال جنگ حق دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن لاءِ فاتحه خواني جي درخواست ڪئي. جمعي ڏينهن ايجنڊا تي ڪو به سوالنامو نه هو. ايوان جي ڪارروائي دوران، ايم ڪيو ايم ميمبر عامر صديقي پاران هڪ التوا جي تحريڪ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ سگنلن تي تمام گهڻا فقير آهن، ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزير ضياءُ الحسن لنجار التوا جي تحريڪ جي مخالفت ڪندي چيو ته هي فوري اهميت جو مسئلو ناهي.چيئرپرسن التوا جي تحريڪ کي رد ڪري ڇڏيو. ڪارروائي دوران، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضيا لنجار سنڌ جي گورنر پاران منظور ڪيل بل کي ايوان ۾ پڙهي ٻڌايو. هن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ دڪان ۽ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو. پارلياماني معاملن واري وزير سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بل پڻ پيش ڪيو. قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هي بل ڪاروباري برادري جي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪيترائي واپاري سيس ادا ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن. هي معاملو گذريل ٻن مهينن کان التوا ۾ هو ۽ هاڻي اسان ان کي منظوري لاءِ ٻيهر ايوان ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. جڏهن سنڌ اسيمبلي بل پيش ڪيو ويو ته جماعت اسلامي جو ميمبر محمد فاروق مسلسل ڳالهائيندو رهيو، جنهن سان ايوان ۾ شور مچي ويو، پر قانون واري وزير هن شور کي نظرانداز ڪندي بل کي شق وار منظوري لاءِ پيش ڪيو. بعد ۾، سنڌ اسيمبلي سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بل منظور ڪيو. انساني حقن جي تحفظ لاءِ هڪ بل پڻ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اهي ججن کي سنڌ انساني حقن جي ڪميشن ۾ شامل ڪرڻ جي آڇ ڪن ٿا. بل ۾، اسان عمر جي حد وڌائي ڇڏي آهي ۽ ڪميشن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو تعداد ٻن کان وڌائي ٽي ڪيو ويو آهي. ڪارروائي دوران، قانون واري وزير سنڌ دڪان ۽ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ترميمي بل پڻ پيش ڪيو، جيڪو لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو. ايوان ۾ مختصر بحث کان پوءِ، اجلاس سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.