ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب اليڪٽرڪ بائيڪ تي سنڌ اسيمبلي پهچي ويو، پوليس دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بغير هيلپيٽ جي موٽرسائيڪل تي سنڌ اسيمبلي اچڻ تي مرتضيٰ وهاب مٿان تنقيد ۽ صحافين طرفان سوالن کان پوءِ ميئر ڪراچي واپس گاڏي ۾ ورتو، مرتضيٰ وهاب اليڪٽرڪ بائيڪ هلائي سنڌ اسيمبلي پهتو، جتي هڪ پوليس اهلڪار کيس عام ماڻهو سمجهي دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ساڻس گڏ آيل اهلڪارن دروازو کولرايو، رپورٽن ۽ وائرل وڊيوز ۾ ڏٺو ويو ته ميئر ڪراچي ڪي ايم سي هيڊ آفيس مان گڏجاڻي لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ تي سنڌ اسيمبلي پهتو جنهن جي وڊيو به جاري ڪئي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن هو دروازي تي پهتو ته هڪ پوليس اهلڪار کيس سڃاڻي نه سگهيو ۽ مک دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ميئر سان گڏ آيل عملي دروازو کولرايو، صحافين جي سوال تي ته ڇا توهان حافظ نعيم الرحمان جي خوف سبب بائيڪ تي آيا آهيو؟ ميئر چيو ته مان ڪنهن کان نٿو ڊڄان، صرف الله کان خوف آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي ملازمن کي 20 اليڪٽرڪ بائيڪون ڏنيون ويون آهن ۽ وڌيڪ به ڏنيون وينديون، هن ٻڌايو ته پهريون ڀيرو موٽر سائيڪل هلائي آهي، پر سائيڪل اڳ ۾ به هلائيندو رهيو آهي، مرتضيٰ وهاب چيو ته هو موٽر سائيڪل تي اسيمبلي آيو ۽ هاڻي واپس پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ وڃي رهيو آهي، جڏهن کانئس ڊرائيونگ لائسنس بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته کيس خبر ناهي ته موٽر سائيڪل ۽ ڪار جا الڳ الڳ لائسنس ٿين ٿا.