اسلام آباد (بيورو) آءِ ايم ايف جو شرط پورو ٿي ويو، وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٻيهر وڏو واڌارو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ملڪ ۾ پيٽروليم ڊويزن طرفان نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عمل رات 12هين وڳي کان ٿي ويو، نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 15 رپيا واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 414 رپيا 58 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڳ اها 399 رپيا 58 پئسا هئي، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 414 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڳ اها 399 رپيا 86 پئسا هئي، نئين قيمتن سبب عام ماڻهن ۽ ٽرانسپورٽ شعبي تي مهانگائي جو وڌيڪ دٻاءُ وڌڻ جو امڪان آهي، عوام حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي دور ۾ جڏهن پيٽرول 100 کان 150 تائين پيٽرول في ليٽر هو ته مختلف پارٽين طرفان احتجاجي مارچ ڪيا ويا هئا ۽ نيٺ عمران خان کي هٽايو ويو، پر هي حڪمران هيڏو ظلم ڪري رهيا آهن پر ڪنهن کي پرواهه ناهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ سان سڌو سئون غريب عوام تي اثر پئجي رهيو آهي، ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، تيل اگهن ۾ واڌ سان هر شيءَ جي قيمتي پاڻمرادو وڌي وڃي ٿي، ٽرانسپورٽر ڀاڙا وڌائي ڇڏين ٿا، عوام چيو ته پيٽرول جي وڌايل اگهن ۾ نظرثاني ڪري قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.