بجلي ۽ پيٽرول تي عوام لاءِ رعايت ختم ڪرڻ بعد آءِ ايم ايف قسط منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پيٽرول سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ سميت ڪيترائي شرط قبول ڪرڻ بعد قسط منظور ڪري ورتي محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن جي قسط جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ قسط جي منظوري ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران ڏني۔ ذريعن موجب آءِ ايم ايف هڪ ارب ڊالر اي ايف ايف پروگرام تحت جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي۔ جائزي واري مشن پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي۔ ذريعن موجب موجوده پروگرام تحت پاڪستان کي مجموعي طور 3.3 ارب ڊالر جاري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته پاڪستان سيپٽمبر 2024ع ۾ 37 مهينن لاءِ اي ايف ايف پروگرام حاصل ڪيو هو۔ ياد رهي ته پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 8 مئي تي طلب ڪيو ويو هو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.