راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) دادو ۽ راڌڻ پوليس جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب وڌيڪ هڪ نوجوان قبيلائي جهيڙي سبب قتل ٿي ويو، وري ھڪ ماءُ جي جھولي خالي ٿي وئي، راڌڻ ٿاڻي جي حد ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر بروهي سولنگي ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، علائقو جنگ ميدان بڻجي ويو، ڌرين ۾ جھيڙي دوران مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو، پنج پوليس موبائيل ۾ موجود پوليس نفري ھوندي فائرنگ جاري رهي، پوليس ايڪشن نه کنيو، فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب ڏوڪري تعلقي جي يوسي يارولاکير ڳوٺ يارو لاکير واسي پورھيت 26سالا نوجوان ٻن نياڻين جو پيءُ رابيل جوڻيجو پٽ فداحسين جوڻيجو جيڪو پنھنجي ڳوٺ يارولاکير پنهنجي ھوٽل تي چانهھ ٺاھي رھيو ھو ته جهيڙي دوران رولو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سندس وارثن ۽ يوسي يارولاکير جو چئيرمين وڏيرو اسد علي لاکير سندس ڀاءُ راشد علي لاکير ۽ وڏيرو فعد علي لاکير پنهنجي ڪار ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال کڻي ويا جتي زخمي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گھر ۾ پھچڻ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن بروھي سولنگي ڌرين ڳوٺ ھڪ جي سامهون آھن مک راڌڻ موهن جو دڙو لاڙڪاڻو روڊ 3ٽن ڪلاڪن تائين بند ٿي ويو،آسپاس ڳوٺن ۽ شھرراڌڻ ۾ خوف حراس ڇائيجي ويو ڪاروبار تي وڏو اثر پئيجي رھيو، جڏھن ھي جيھڙو ٿيو آھي راڌڻ ۾ قبائلي تڪرار وڌيڪ خطرناڪ بي گناھ ڳوٺ وارا گولي جو ڪاڄ بڻجڻ لڳا آهن، ڪجھه مھينا اڳ راڌڻ جي ميلي دوران معمولي ڳالهھ تان بروھي ۽ سولنگي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ـشروع ٿيو جيڪو بعد ۾ خوني تڪرار جي صورت اختيار ڪري ورتو، ان خوني تڪرار ۾ اڳ ئي توفيق جتوئي صابر سولنگي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت مزدورعلي گل سولنگي قتل ٿي چڪا آھن، ڪالهه صبح جو ڌرين فائرننگ ۾ ھڪ نوجوان 26 سالن جو رابيل پٽ فداحسين مبينا گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن دادو ۽ راڌڻ پوليس وقت سر اثرائتي ڪارروائي ڪري ھا ته قيمتي انساني جانيون ضايع نه ٿين ھا ڌرين ڏي شھرين ڳوٺائڻ نيائيڻ سيدن قرآن پاڪ کڻي 2کان ٽي ڀيرا لڙي ويا، شھر ۽ آسپاس جو امن خراب نه ڪيو پاڪ ڪتاب نيائيڻ سيدن مان ڏيندي چيو ھو اسان آئيندا جيھڙو نه ڪنداسين وري ڪالھه ڌرين ۾ فائرننگ ڏي وٺ ٿي، شھرين ڳوٺ وارن پاران پوليس انتظاميان گھر ڪئي آھي ته جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ايترو هٿيار آھي جيڪو پوليس وٽ ناھي ھاڻي راڌڻ ۾ رونتي ڪچو بڻجي ويو آھي، سرعام ايل ايم جي ۽ جي ٿري راڪيٽ لانچرن فائر پيا ٿين معصوم انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو آھي جيڪو نوجوان ڪالھ همارجي ويو اھو ڏوڪري تعلقي جي سيھڙ ٿاڻي حد يوسي يارو لاکير واسي آھي ڌرين کي دادو ۽ لاڙڪاڻو ضعلو باڊر لائين تي ڳوٺ آھن مقتول جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ يارولاکير ۾ ادا ڪئي وئي سندس سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن راڌڻ جي ايس ايڇ او ميڊيا کي ٻڌايو مارجي ويل نوجوان رابيل جوڻيجو لاڙڪاڻي ضعلي جي حد ڳوٺ آھي اسان بروقت پھچي ڪري ڌرين تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان کي روڪي ورتو آھي، پوليس پڪٽون قائم ڪري ورتيون آھن.