خوراڪ جو تحفظ، وقت جي اهم ضرورت

سيد محمد طيب ايڊووڪيٽ

زمين جي ڪُل ايراضي 510 ملين چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن مان 29 سيڪڙو زمين ۽ 71 سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل آهي۔ دنيا جي زمين جو لڳ ڀڳ 37 سيڪڙو حصو زراعت لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ فصلون، ٻنيون ۽ جانورن جي چرڻ جون جايون شامل آهن۔ سڄي دنيا ۾ 1.386 بلين ڪيوبيڪ ڪلوميٽر پاڻي موجود آهي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان مان تقريباً 97.5 سيڪڙو کارو پاڻي آهي، جڏهن ته رڳو 2.5 سيڪڙو مٺو ۽ استعمال لائق پاڻي موجود آهي۔ اڄ دنيا جي آبادي 8.3 بلين تائين پهچي چڪي آهي۔ هڪ طرف انسان ترقي ڪندي ڪندي مريخ تي رهائش اختيار ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي، سمنڊ جي تهن کي ڇنڊي چڪو آهي، فضائن، هوائن ۽ ريگستانن کي مسخر ڪري چڪو آهي۔ اليڪٽران، نيوٽران ۽ پروٽان تي کيس هڪ صديءَ کان برتري حاصل آهي۔ تعليم ۽ سائنسي ترقيءَ جي ميدانن ۾ انسان جون ناقابلِ يقين ڪاميابيون ۽ ڪارناما سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ جنگ ۽ ويڙهه لاءِ اهڙا خطرناڪ هٿيار تيار ڪيا ويا آهن، جن جو تصور به ممڪن نه هو۔ نيون ايجادون ايتريون ته وڌي ويون آهن، جو شايد انسان جي ڪا خواهش باقي نه رهي هجي۔

هاڻي ته مصنوعي ذهانت جي ڪمالن، ڪرامتن ۽ معجزن انسان جي سائنسي ترقيءَ کي چار نه پر اٺ چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔ اهو سڀ ڪجهه انسان جي ڪاميابين جي رڳو هڪ معمولي جهلڪ آهي پر ٻئي طرف دنيا ۾ صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جا انتهائي سنگين مسئلا منهن ڪڍي رهيا آهن۔ تازو گڏيل قومن جي ورلڊ واٽر ڊولپمينٽ رپورٽ Water for All People; Equal Rights and Opportunities جي عنوان سان شايع ٿي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت دنيا ۾ 2.1 بلين ماڻهو صاف پاڻيءَ کان محروم آهن۔ اهڙيءَ طرح گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن جي سهڪار سان گلوبل رپورٽ آن فوڊ ڪرائسسز 2026 به شايع ٿي آهي، جنهن ۾ ڏهن اهڙن ملڪن جو ذڪر آهي، جيڪي خوراڪ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن۔ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان فهرست ۾ پاڪستان جو نالو به شامل آهي۔ رپورٽ ۾ خوراڪ جي کوٽ واري صورتحال تي انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي۔ رپورٽ موجب دنيا جي صرف 47 ملڪن ۾ 266 ملين ماڻهو انتهائي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن۔

هن صورتحال مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته شايد خوراڪ جو مسئلو انسان جي ترجيحن ۾ ئي شامل ناهي۔ خوراڪ جي تحفظ ۽ ان حوالي سان آگاهيءَ بابت دنيا ۾ شايد اهو ڪم نٿو ٿي رهيو، جنهن جي سخت ضرورت آهي۔ جيڪڏهن خوراڪ ۽ پاڻي ئي دستياب نه هجي ته پوءِ دنيا جي ترقي ۽ چمڪندڙ زندگيءَ جي ڪا اهميت نه رهندي۔ دنيا جي اها چمڪ دمڪ ۽ رنگيني ڪنهن به مقصد جي ناهي۔

ڊاڪٽر نارمن ارنسٽ بورلاگ هڪ آمريڪي زرعي ماهر ۽ پلانٽ پيتھالاجسٽ هو، جنهن کي دنيا ۾ سبز انقلاب جو باني چيو وڃي ٿو۔ هن ڪڻڪ ۽ چانورن جون وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ قسمون متعارف ڪرايون، جن جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ جا مسئلا وڏي حد تائين حل ٿيا۔ پيداوار ۾ غيرمعمولي واڌارو ٿيو۔ هن ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن، پاڪستان سميت، زرعي انقلاب لاءِ ڪم ڪيو۔ سوال اهو آهي ته اسان زرعي ملڪ هئڻ باوجود به اڄ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ڇو آهيون؟

هتي هر قسم جي موسم ۽ آبهوا موجود آهي۔ زرخيز زمين آهي۔ هر قسم جون فصلون هتي پوکيون وڃن ٿيون۔ زراعت کي اسان جي قومي معيشت ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي۔ اسان جي جي ڊي پي ۾ 24 سيڪڙو حصو زراعت جو آهي، پر ان باوجود اسان جي زراعت ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي۔ ڪپهه جي فصل ته هاڻي تقريباً ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي۔ اسان جي زراعت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو موسمي تبديليون آهن۔ موسمي تبديلين ۽ اٿل پٿل سبب سال 2024-25ع دوران اسان وٽ لڳ ڀڳ 13.5 سيڪڙو پيداوار متاثر ٿي، جڏهن ته بي موسم برساتن ٻوڏ جهڙيون حالتون پيدا ڪيون۔ موسمي تبديليءَ جي ڪري هاڻي اسان جا گليشيئر به ڳرڻ شروع ٿي ويا آهن۔

اهڙي صورتحال اسان کان اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته اسين ايندڙ سنگين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي تيار ٿي وڃون۔ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان زرعي شعبي ۽ موسمي تبديلين جي موضوعن تي جديد سائنسي تحقيق شروع ڪريون۔ انهن موضوعن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، انهن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لازمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي۔ اهڙا ماهر تيار ڪرڻ گهرجن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ملڪ ۽ قوم جي رهنمائي ڪري سگهن۔ اسان وٽ خوراڪ جي ضايع ٿيڻ جو به انتهائي افسوسناڪ رواج موجود آهي۔ عام مشاهدو آهي ته تقريبن ۾ کاڌو گهٽ کاڌو ويندو آهي ۽ وڌيڪ ضايع ڪيو ويندو آهي، ۽ اسان کي ان جو احساس به نٿو ٿئي۔

خوراڪ جي کوٽ واري مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد زرعي طريقا اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي۔ زمين جي تياري، معياري ٻج، فصلن کي بيمارين ۽ موسمي اثرن کان بچائڻ، ۽ خوراڪ کي ٻنيءَ کان مارڪيٽ تائين محفوظ ۽ بروقت پهچائڻ جهڙا معاملا انتهائي اهم آهن۔ زراعت جي روايتي ۽ فرسوده طريقن کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي۔ موجوده ۽ ايندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي، هارين جي مناسب تربيت ۽ رهنمائيءَ جو بندوبست ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ اهڙا ٻج متعارف ڪرايا وڃن، جيڪي نه رڳو گهٽ پاڻيءَ سان تيار ٿي وڃن، پر موسمي اثرن جو به مقابلو ڪري سگهن۔ اڃا به وقت آهي ته اسين خوراڪ جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪريون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.