ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند)ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حسين بخش مري ميان سعود مسعود کي گرفتار ڪيو ويو، ميان سعود مسعود کي ڪورٽ جي 22 اي بي آرڊر تحت گرفتار ڪرڻ واري معاملي بعد پوليس کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ذريعن طرفان مليل ڄاڻ موجب جنيد خٽڪ نالي شخص جي فرياد تي ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم تحت ٽائون ٿاڻي جي پوليس اسسٽنٽ ڪمشنر حسين بخش مري ميان سعود مسعود کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته بعد ۾ فريادي ڌر ۽ اي سي وچ ۾ ٺاھ ٿيڻ ۽ اختيارين جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ اي سي کي آزاد ڪيو ويو، واقعي جو ايس ايس پي ميرپورخاص نوٽس وٺندي حد ٿاڻي ٽائون پوليس اسٽيشن تي مقرر امين مري کي معطل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري رکي وئي، ايس ايڇ او ٽائون خلاف پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو، ذريعن موجب اي سي کي گرفتار ۽ ان سان بدتميزي ڪندڙ ايس ايڇ او کي پنهنجي ئي ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو، ايس ايڇ او امين مري کي سسپينڊ ڪري گرفتار ڪري پنهنجي ئي ٿاڻي اندر لاڪ اپ ڪيو ويو، ايس ايڇ او جي گرفتاري جي تصوير پڻ سوشل ميڊيا تي جاري ٿي وئي.