سيڊا ۾ قانون جي ابتڙ ڀرتيون ۽ ترقيون، هاءِ ڪورٽ پاران چيف سيڪريٽري کان وضاحت طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ايريگيشن ڊرينيج اٿارٽي ۾ قانون جي ابتڙ ترقين ۽ ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) ۾ سينئر ملازمن کي ترقي ڏيڻ  بدران بنا ٽيسٽ جي سڌي ريت ڀرتيون ڪرڻ، جونيئر ۽ من پسند ٻاھرين ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ سيڊا جي ملازمن محمد علي شاھ ۽ ٻين عدالت ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آھي ته سيڊا انتظاميه گذريل 30 سالن کان اداري جا اسٽافنگ رولز جوڙي نه سگھي آھي، جڏھن تہ تازو ئي 20 ھين گريڊ جي جنرل مئنيجرز جي پوسٽن تي سينئر آفيسرن جيڪي گذريل 30 سالن کان ڪم ڪري رھيا آھن انھن کي پروموشن ڏيڻ بدران سڌي ريت ۽ من پسند توڙي ٻاھرين ماڻھن کي ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي جن وٽ نه گھربل تجربو آھي نه ئي سندن عمر آھي. جڏھن تہ اھي ڀرتيون ڪورٽ ۾ ڪيس ھجڻ باوجود ڪيون ويون آھن. درخواست گذارن الزام ھنيو ته اھي ڀرتيون ميرٽ جي لتاڙ ڪندي من پسند، سفارشي ۽ ٻاھرين ماڻھن کي ڀرتي ڪري ڀرتين جي عمل کي غير شفاف ۽ غير جانبدار بڻائي ڇڏيو آھي جڏھن تہ سينئر ملازمن جي حق تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ جنرل مئنيجر ٽرانزيشن جي پوسٽ ته خالي به نه ھئي. ان پوسٽ تي اڳ ۾ ئي ڀرتي ٿيل آفيسر موجود آھي جيڪو ليئن تي ساڳئي ئي اداري سان لاڳاپيل پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. ھنن الزام ھنيو ته ڀرتين بابت جوڙيل پينل پڻ غير شفاف ھو، جنھن ۾ ايم ڊي سيڊا، پي ڊي سواٽ ساڳئي اداري جا ھئا جيڪي مفادن جي ٽڪراءَ سبب ويھڻ جي اھل نہ ھئا. جڏھن تہ پينل ۾ جي ايم ٽرانزيشن جي پوسٽ تي اڳ ۾ ئي ڀرتي ٿيل آفيسر نظير احمد ميمڻ پڻ ميمبر ھو جنھن انٽرويو ۾ پنھنجي بدران پراڪسي ميمبر موڪليو جيڪو نه 20 ھين گريڊ جو آفيسر ھو نه ئي سندس قابليت ھئي پر ھڪ پرائيويٽ ڪنسلٽنٽ ھو. جڏھن تہ ھڪ اڪيڊميا ميمبر پنھنجي ئي شاگرد جيڪو سندس وٽ پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي ان کي چونڊرايو آھي. جيڪا چونڊ عمل تي سواليه نشان آھي. پينل ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سميت ٽئين ڌر جو ڪو به ميمبر شامل نه جو ۽ سمورا ميمبر ايم ڊي سيڊا جي اثر ھيٺ ھئا جن اداري جي سينئر ۽ اھل آفيسرن کي نظر انداز ڪري انٽر ويو ۾ ناڪام ٿيل اميدوارن کي چونڊيو آھي. درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته غير قانوني طور ٿيل ڀرتيون رد ڪري اداري جي سينئر ملازمن کي ترقيون ڏنيون وڃن. ٻئي طرف سرڪاري وڪيل الزام رد ڪندي چيو ته ڀرتيون قانون موجب ڪيون ويون آھن. عدالت ان ڏس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين چيف سيڪريٽري سنڌ کان اھڙين ڀرتين بابت وضاحت طلب ڪندي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل کان قانوني مدد گھري ورتي آھي. سيڊا ملازمن جي پٽيشن ايڊووڪيٽ صولت مرزا معرفت داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.