شيخ ادريس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ملڪ گير احتجاج جو اعلان

چارسده (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارا مفت جون پگهارون نه وٺن ۽ شيخ ادريس جي  قاتلن کي گرفتار ڪن، شيخ ادريس شهيد جي رهائشگاهه تي ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته شيخ ادريس جي شهادت سڄي امت لاءِ وڏو صدمو آهي ۽ الله ظالمن کان انتقام وٺندو، حڪمرانن ۽ ادارن جو فرض آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو ته سڀاڻي جمعي نماز کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪراچي جي جلسي ۾ ٿيندو، اسان ملڪ کي بچايو آهي ۽ عالم سڳورا آئين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن، ڪيترائي ديني عالم دهشت گردي جو شڪار ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اسين ڪنهن مسلمان جي رت سان پنهنجا هٿ ڀرڻ نٿا چاهيون ۽ اختلاف راءِ جي بنياد تي قتل جهالت آهي، هن زور ڏنو ته پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ قوم کي اپيل ڪئي ته جذباتي نعري بازي کان پاسو ڪري وقار ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.