انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ هر سال ٿيندڙ واڌ، حڪومت جي ناڪامي آهي

انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ پاڪستان اندر گذريل سال اظهار جي آزادي، عدليه جي آزادي ۽ انساني حقن جي خراب کان خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب سال 2025 دوران اختيار ۽ احتساب بابت سوال اٿاريندڙن کي چيڀاٽڻ جي مهم هلائي وئي. پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمن، غداري وارن قانونن ۽ دهشت گردي جي خاتمي بابت قانونن کي استعمال ڪندي صحافين، سياسي ڪارڪنن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ وڪيلن کي نشانو بڻايو. نشانو ڪيئن ٿو بڻايو  وڃي ان جي مثال طور ٻڌايو ويو آهي ته دهشت گردي واري ايڪٽ 1997 ۾ ترميمن ذريعن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بنا الزام ۽ عدالتي نگرانيءَ جي ڪنهن به  شخص کي ٽن مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏنو ويو جيڪو بنيادي حقن ۽ قانوني طريقي ڪار کي متاثر ڪري ٿو.  رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته عدليه جي آزاديءَ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. 27 هين آئيني ترميم ذريعي عدالتي مقررين ۾ انتظاميا جو اثر وڌايو ويو آهي. سيڪيورٽي چئلنجن به انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اضافو ڪيو. گمشدگين، عدالتن کان مٿانهن قتلن جو سلسلو به جاري رهيو. عورتن، ٻارن، اقليتن، کدڙن فقيرن سميت ڪمزور طبقن تي تشدد ۽ امتيازي ورتاءُ ۾ واڌ آئي آهي.

انساني حقن جي مٿي ڄاڻايل اها رپورٽ انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ، اڳوڻي چيئرپرسن حنا جيلاني، ڪو چيئر منيزه جهانگير، وائيس چيئر نسرين اظهر ۽ سيڪريٽري جنرل حارث خليق پيش ڪئي. اسان سمجهون ٿا ته انساني حقن جي ڪميشن جي رپورٽ جو حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان رپورٽ جي روشني ۾ حڪومت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي روڪڻ جا قدم کڻڻ گهرجن پر اسان وٽ گهڻو ڪري اهڙين رپورٽن کي کنگهيو ئي ناهي ويندو. ٻيو ته ڇڏيو جڏهن ڪنهن وڏي هاءِ پروفائيل حادثن ۽ واقعن بابت جاچ ڪرائي ويندي آهي ته جاچ ڪندڙ ڪاميٽين جي رپورٽن کي به بس ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ڪري ان کي فائيلن ۾ بند ڪيو ويندو آهي. اهو يقينن المياتي حڪومتي رويو آهي ته جاچ رپورٽن جي روشني ۾ حڪومت يا ان جا ادارا پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهن ڪندا. ڪراچي جي گل پلازا جي باهه واري واقعي کي ئي ڏسجي ته جڏهن ان واقعي جي سببن تي ٻڌل تفصيلي رپورٽ آئي ته ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته ان رپورٽ ۾ اهڙن واقعن کي اڳتي روڪڻ لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون ويون تن تي فوري عمل ٿئي ها پر ان رپورٽ کان پوءِ به تباهه ٿيل گل پلازا ۾  پوءِ به باهه لڳڻ جو واقعو ٿيو جيڪو اصولي طور تي ڪجهه سالن تائين ته جيڪر ٿيڻ ئي نه گهرجي ها. ايئن ئي ريلوي حادثن بابت به الائي ڪيتريون جاچ رپورٽون لکرايون ويون پر ريلوي نظام پوءِ به  بهتر نه ٿيو ۽ وقفي وقفي سان ريلوي حادثا لاڳيتو ٿيندا رهيا. معنيٰ ريلوي حادثن جي جاچ رپورٽن کي واسطيدار ادارن ۽ عملدارن نه پڙهيو ۽ نه ئي رپورٽن ۾ ريلوي نظام کي سڌارڻ بابت ڏنل تجويزن تي عمل ڪيو ويو.

ايئن ئي پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن هر سال انساني حقن جي حوالي سان پنهنجي تحقيق تي ٻڌل رپورٽ ظاهر ڪندي آهي جنهن ۾ تفصيل سان ٻڌايو ويندو آهي ته گذريل سال ملڪ اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڇا  صورتحال رهي يا انهن ڀڃڪڙين جي روڪٿام لاءِ ڪهڙا قانوني قدم کنيا ويا پر حيرت آهي ته پوءِ به هر نئين سال انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ريڪارڊ واڌارو  ئي ٿيندو  رهيو آهي، جيڪا يقينن ڳڻتي جي ڳالهه آهي جنهن  جو اظهار انساني حقن جي ڪميشن پاڻ به ڪيو آهي. ايئن ضرور  ٿيندو آهي ته هر سال پارليامينٽ اندر انساني حقن جي تحفظ لاءِ قانون سازيون ڌڙا ڌڙ ٿينديون آهن جن جو ذڪر به انساني حقن جي ڪميشن هر سال پنهنجي  رپورٽ ۾ ڏيندي آهي پر عام تاثر اهو آهي ته قانون سازيون ته ٿينديون آهن، بل ۽ قانون پاس به ٿيندا آهن پر انهن بلن ۽ قانون سازين تي عملدرآمد نه ٿي سگهندو آهي. ان کي ئي بيڊگورننس چئبو آهي ته ڪا حڪومت پنهنجي فيصلن ۽ قانونن تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي. اها بيڊ گورننس ئي آهي جيڪا انڪوائري رپورٽن جي روشني ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي ڪري سگهندي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۽ عوام کي ئي سڌو سنئون متاثر ٿيڻو پوندو.

ڪنهن ڏاهي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن مون کان ڪير پڇي ته سڀ کان بهترين انسان ڪير آهي ته مان وراڻيندس ته جيڪو  جملي انساني حقن کي تسليم ڪري، ان جي پرچار ڪري ۽ پاڻ  ان تي سئو سيڪڙو عمل ڪري ايئن سڀ کان بهترين حڪومت به ان کي چئي سگهجي ٿو جيڪا مڪمل طور تي آئين ۽ قانون تي هلي ۽ جملي انساني حقن تي عمل ڪري ڏيکاري. اسان اهو به لکنداسين ته جيئن هر ماڻهوءَ  جو پنهنجو چهرو، مزاج ۽ اخلاق هوندو آهي تيئن هر رياست ۽ حڪومت جو به پنهنجو چهرو، اخلاق ۽ ڪردار ٿيندو آهي. سو انساني حقن جي حوالي سان پنهنجي رياست ۽ حڪومت جو جيڪو چهرو، ورتاءُ ۽ ڪردار آهي تنهن جو  آئينو انساني حقن جي ڪميشن جي اها رپورٽ آهي جيڪا ساڳي وقت بيڊ گورننس جو اڇو چٺو به آهي.

اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جيئن جيئن سماجن اندر تعليم وڌندي، سياسي، سماجي، ادبي شعور وڌندو تيئن تيئن سماج جي شعوري حالت بهتر کان بهتر ٿيندي رهندي پر حيرت آهي ته هتي  وڌندڙ تعليم، سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور باوجود سماج تي خاص ڪري حڪمرانن ۽ سندن حڪومتن تي ڪو فرق نظر نٿو اچي شايد ان ڪري به جو ”پڙهيو پيا پڙهن پر ڪڙهن ڪين قلوب ۾“ واري ڪار آهي. ان جو ئي شايد اهو نتيجو آهي جو انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي روڪٿام نه پئي ٿئي اڃا به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رفتار وڌندي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.