واشنگٽن/اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)آمريڪا طرفان ضبط ڪيل ايراني بحري جهاز “توسڪا” بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن مطابق جهاز جا 22 عملدار پاڪستان منتقل ڪيا ويا آهن. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي به ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.اي بي سي نيوز موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان چيو آهي ته اهو ايراني جهاز ان وقت قبضي ۾ ورتو ويو هو جڏهن هن آمريڪي ناڪابندي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هاڻي ان جهاز جي عملدارن کي پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن کين ايران واپس موڪلي سگهجي.ڪئپٽن ٽم هاڪنز موجب، 22 رڪني عملو پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 6 ٻيا مسافر اڳ ئي گذريل هفتي هڪ علائقائي ملڪ منتقل ڪيا ويا هئا. انهن 6 ماڻهن کي به بعد ۾ وطن واپس موڪليو ويندو.ايراني سرڪاري ميڊيا موجب اهي 6 ماڻهو عملدارن جي گهرڀاتين مان هئا.هاڪنز وڌيڪ ٻڌايو ته 19 اپريل تي جڏهن جهاز جي عملدارن آمريڪي بحري جهازن طرفان ڏنل ڇهن ڪلاڪن جي وارننگ کي نظرانداز ڪيو ته هڪ آمريڪي ڊسٽرائر جهاز جي انجن روم تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ آمريڪي ميرينز جهاز تي چڙهي ان کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو.ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته اعتماد سازي واري قدمن تحت ايراني جهاز جا 22 عملدار پاڪستان منتقل ڪيا ويا آهن ۽ کين اڄ ئي ايراني اختيارين جي حوالي ڪيو ويندو.ترجمان موجب جهاز جي مرمت کان پوءِ ان کي پاڪستاني حدن ۾ آڻي اصل مالڪن حوالي ڪيو ويندو. عملو ۽ جهاز ايران ۽ آمريڪا جي تعاون سان واپس ڪيو پيو وڃي.پاڪستان چيو آهي ته هو خطي ۾ امن لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ ثالثي جي ڪوششن کي جاري رکندو۔