حڪمرانن ۽ وڏيرا شاهي سنڌ جي عوام کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي:ڪاشف ســـعيد

شڪارپور(پ ر/ نمائندا) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته حڪومتي نااھلي، ڪرپشن ۽ ظالم وڏيرا شاھي نظام سنڌ جي عوام کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ واسي بک بدحال ۽ بيروزگاري جي ڪري خودڪشيون ۽ پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن،  حڪمران کرب پتي بڻجي ويا پر سنڌ جو عوام بجلي تعليم صاف پاڻي جون سهولتون ته پنھنجي ھنڌ رھي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، قبيلائي جھيڙن توڙي ڌاڙيل راڄ کي حڪومت ۾ شامل بااثرن ڌرين جي سرپرستي حاصل آھي، صرف ھڪ ضلعي شڪارپور ۽ ٻن برادرين مھر، جتوئي تڪرار ۾ 55 ماڻھو قتل ٿي ويا، جڏھن ته مالي تعليم، توڙي سياسي سماجي ٻيو نقصان ان کان سواءِ آھي، حالتن جي تبديلي توڙي سنڌ جي امن ۽ خوشحالي لاءِ عوام کي اڳتي وک وڌائڻي پوندي ته جئين مدي خارج نظام ۽ ڪرپٽ قيادت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي، حافظ نعيم الرحمٰن جي قيادت ۾ جماعت اسلامي ظالم نظام ۽ ظالمن خلاف پنھنجي جاکوڙ جاري رکندي، ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻين خانپور ڀرسان يوسف ڀٽي ۾ بدلايو نظام کي سنواريو سنڌ کي جي سري ھيٺ جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽرول اگھن ۾ واڌ کان وٺي رڪارڊ مھانگائي بدامني ۽ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، سموري ملڪ کان سنڌ ۾ اٽي جي 20ڪلو ٿيلھي جي قيمت ۾ 200رپيا واڌ 17سالن کان سنڌ ۾ برسر اقتدار اٽي لٽي ۽ اجھي ڏيڻ جي دعويدار پيپلز پارٽي لاءِ  ڳڻتي جي ڳالهه آهي، اسلامي نظام ۽ صالح قيادت ئي عوام ۽ ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگھي ٿي، ان موقعي تي مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، امداد الله بجاراڻي، عبدالسميع ڀٽي، عبدالرحمان مڱريو، مولانا رفيع الدين چنا، ڊاڪٽر محمود الاھي ھڪڙو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.