ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستاني فوج جنگ جي ميدان ۾ دشمن کي شڪست ڏني ۽ هي فتح صرف هٿيارن جي فتح نه پر عزم ۽ همت جي به فتح هئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي۔ تقريب جي ميزباني سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر، وقتي گورنر اويس قادر شاهه، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد اويس دستگير، ڊي جي رينجرز سنڌ محمد شمريز تنولي، ڪوم لاگ ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي۔ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان غير يقيني صورتحال جي ڪناري تي هو، سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ جنگ جا خطرا وڌي رهيا هئا ۽ سرحدي علائقن ۾ تڪرار جو پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هئو۔ هن چيو ته ملڪ کي درپيش چيلينجن قوم کي آزمائش ۾ وڌو، پر مشڪل حالتن باوجود پاڪستان مضبوطي سان بيٺو رهيو ۽ قومي يڪجهتي بحران جو مقابلو ممڪن بڻايو۔ هن چيو ته پاڪستان غير يقيني کان استحڪام ڏانهن سفر شروع ڪيو ۽ 1947ع ۾ قائم ٿيل ملڪ آزمائشن مان نڪري وڌيڪ مضبوط ٿيو۔ هن چيو ته اها فتح صرف هٿيارن جي نه پر عزم ۽ حوصلي جي فتح هئي، جيڪا اتحاد، يڪجهتي ۽ قومي طاقت جو مظاهرو بڻجي۔ اها انهن ماڻهن جي فتح هئي جن جهڪڻ کان انڪار ڪيو ۽ اتر جي جبلن کان عربي سمنڊ جي ڪنارن تائين قوم هڪ صف ۾ بيٺي رهي، جڏهن ته پنجاب جي ٻنين کان سنڌ ۽ بلوچستان جي ريگستانن تائين يڪجهتي جو مثال قائم ٿيو۔ هن چيو ته پاڪستان هر چيلينج آڏو متحد ٿي بيٺو، هٿياربند فوجن بهادري، نظم ۽ وقار سان دفاع ڪيو جڏهن ته سفارتڪارن دنيا آڏو مؤقف کي مؤثر نموني پيش ڪيو۔ هن واضح ڪيو ته اسان ڪڏهن به هٿيار نه ڦٽا نه ڪنداسين ۽ سرحدن کان ٻاهر ڪجهه عنصر تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري حقيقتون لڪائڻ چاهين ٿا، پر تاريخ گوڙ سان نه پر ثابت قدم قومن سان لکي ويندي آهي۔ هن چيو ته پاڪستان هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهيو آهي، اسان ڪڏهن به جنگ نٿي چاهي پر هميشه امن کي ترجيح ڏني، پر مشڪل وقت ۾ ڪمزوري نه ڏيکاري ۽ ضرورت موجب دفاع ڪيو۔ هن چيو ته اها جدوجهد قومي ذميواري هئي ۽ موجوده وقت غرور نه پر غور ۽ فڪر جي گهر ڪري ٿو، اها گهڙي لاپرواهي نه پر ذميواري جو پيغام ڏئي ٿو۔ هن چيو ته امن صرف انصاف، وقار ۽ باهمي احترام سان ئي ممڪن آهي۔ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جا نوجوان هن ڪاميابي جا اصل وارث آهن ۽ اها فتح ڪنهن هڪ اداري يا فرد جي نه پر پوري قوم جي آهي۔ هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ثابت قدمي کي ترقي ۽ همت کي تخليق ۾ تبديل ڪن ۽ هن ڪاميابي کي هڪ مشن طور اختيار ڪن۔ هن چيو ته قوم کي انهن شهيدن کي نه وسارڻ گهرجي جن پنهنجون جانيون قربان ڪيون، شهيدن جا نالا هميشه قوم جي ضمير ۾ زنده رهندا ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون۔ هن چيو ته هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير اسان جي ذميواري آهي۔ هن چيو ته هڪ سال اڳ دنيا پاڪستان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهي هئي، پر اڄ دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان مضبوط ۽ ڪامياب آهي، اها قوم دٻاءَ آڏو جهڪڻ واري ناهي ۽ خودمختياري تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، پاڪستان بار بار اٿندڙ مضبوط قوم آهي۔ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ کان هڪ سال اڳ جڏهن ڀارت اسان جي ملڪ ڏانهن بُري نظر سان ڏٺو ته سڄي قوم، هٿياربند فوجون، سياسي قيادت، ميڊيا، نوجوان ۽ هر پاڪستاني متحد ٿي بيٺو۔ هن چيو ته ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڀارت کي پنهنجي اصل حيثيت جو اندازو ٿي ويو۔ هن سفارتي برادري جي معزز ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انهن جي موجودگي اعزاز جو سبب آهي ۽ اها ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته دنيا علائقي جي سلامتي بابت سنجيده آهي۔ هن چيو ته گذريل سال 22 اپريل تي ڀارت هڪ فالس فليگ آپريشن ڪيو ۽ ان جو الزام پاڪستان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مئي جي پهرين هفتي ۾ فوجي ڪارروائي شروع ڪئي وئي۔ هن چيو ته رافيل جهاز ڀارت جو فخر سمجهيا ويندا هئا، پر اصل دارومدار انهن کي هلائيندڙن تي هوندو آهي، ۽ پاڪستان ٻن رافيل جهازن سميت ڪيترائي جهاز ڪيرايا۔ هن چيو ته ڳوٺن ۾ عام شهري به ڊرونز ڪيرائي رهيا هئا ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڀارت مقابلي جي قابل نه رهيو هو۔ هن چيو ته ڀارتي ميڊيا غلط پروپيگنڊو ڪيو جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميوار ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته پاڪستان جي بحريه مڪمل تياري سان موجود هئي ۽ ڪراچي پورٽ بابت دشمن جو پروپيگنڊو بي بنياد هو۔ هن چيو ته ڀارت سان تڪرار 1947ع کان جاري آهي ۽ ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو ڪردار تاريخي اهميت رکي ٿو، جن ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي بنياد وڌي۔ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن خوشي جو ڏينهن آهي، دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو ۽ اسان جي فوجن ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني۔ هن چيو ته نئين نسل پهريون ڀيرو پنهنجي هٿياربند فوجن جي صلاحيت ۽ بهادري ڏٺي۔ هن چيو ته قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائي دفاع کي مضبوط ڪيو جڏهن ته بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي ذريعي ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو۔ هن چيو ته آصف علي زرداري قيادت ۽ ڪمانڊ جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري بطور پرڏيهي وزير عالمي سطح تي پاڪستان جو مؤقف مؤثر نموني پيش ڪيو ۽ ڪشمير جو مسئلو اجاگر ڪيو۔ هن چيو ته ڀارتي ميڊيا غلط رپورٽنگ ڪندي لاهور ۽ ڪراچي جي تباهي جو تاثر ڏنو، جڏهن ته حقيقت ۾ پاڪستاني شاهينن دشمن کي شڪست ڏني ۽ پاڪستاني ميڊيا ذميوار ڪردار ادا ڪيو۔ تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شيري رحمان، قائم علي شاهه، نثار کهڙو کان علاوه ڪاروباري برادري جي نمايان شخصيتن عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، زبير موتي والا ۽ جاويد بلواڻي سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ قومي يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو.