اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)ارسا خطري جي گهنٽي وڄائيندي هلندڙ سال خريف جي فصل لاءِ سنڌ کي 29 سيڪڙو ۽ پنجاب کي 31 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي۔انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي اجلاس جا منٽس جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ارسا 2026ع ۾ پاڻي جي دستيابي بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي۔ارسا موجب آڪٽوبر 2025ع کان مارچ 2026ع تائين 20. 356 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي آمد رڪارڊ ڪئي وئي۔رپورٽ موجب ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي جو نيڪال 5.596 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو، جڏهن ته گذريل سال اهو 0.470 ملين ايڪڙ فوٽ هو۔ارسا موجب 20 مارچ 2026ع تائين صوبن پاران پاڻي جو استعمال رٿابنديءَ کان گهٽ رهيو۔اعلان موجب ايندڙ ارسا مشاورتي ڪميٽي اجلاس کان اڳ سڀني لاڳاپيل ڌرين جو گڏيل اجلاس پڻ سڏايو ويندو۔