پيپلزپارٽي سڄي سنڌ کي منشيات جو ڳڙهه بڻائي ڇڏيو آهي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ پوليس کي بيوس بڻائي سڄي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بڻائي ڇڏيو آھي، منشيات فروشن کي سياسي ھائوسن جي سرپرستي حاصل آهي، سنڌ پوليس وڏن منشيات فروشن ۽ ڊيلرن خلاف  ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، منشيات منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي، منشيات نوجوانن جون اميدون قتل ڪري ڇڏيون آهن، سنڌ حڪومت ھٿ وٺي سنڌ کي منشيات جو ڳڙھ بڻائي ڇڏيو آهي، وڏن شھرن کان وٺي ڳوٺن تائين منشيات فروشن جي نيٽورڪ کي مضبوط ڪيو ويو آھي، ايم اين اي، ايم پي اي، وزير، سينيٽر، چيئرمين ۽ حڪمران ٻڌائن ته سنڌ ۾ گٽڪن جون فيڪٽريون ڪنهن جون آهن، سڄي ۾ آئيس سميت منشيات جو ڌنڌو ان جي پسمنظر ۾ ھلائيندڙ ڪير آهي، سڄي سنڌ ۾ مين پڙيون ڪير ٿو ھلائي ان جا اسپانر ڪير آهن،ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي جي مجال ڇو نٿي ٿئي منشيات جون فيڪٽريون بند ڪرائين ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي سميت پوليس کي ڪروڙين روپيا ڀتو ٿو ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.