لاھور (رپورٽ: حفيظ چنا)لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھ ڳالھائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي بين الاقوامي پاليسي بھتر نه ھجڻ ڪري اسان جا افغانستان ، ايران ۽ انڊيا سان ثقافتي ، سياسي ، واپاري ، سماجي تعلقات خراب آھن ، ملڪي ترميمن ۾ اسان جا بنيادي سياسي ، معاشي سماجي ، ثقافتي حق غصب ڪيا پيا وڃن ، پاڻي جي ناجائز اسڪيمن ، غلط استعمال ڪري انڊس ٻن ٽن ڏهاڪن کان مري رھيو آھي،ڊيلٽا ختم ٿي رھيو آھي ، ملڪ جي معاشي واڌ ويجهه نظر نه پئي اچي ، سياسي پارٽين تي عملن گڏجاڻي ڪرڻ ، جلسو ڪرڻ تي پابندي لاڳو آھي ۽ اسان سڀن ٽي ايترا ڪيس داخل آھن جو اسان سڀ ڪورٽن جا چڪر لڳائي رھيا آھيون ، عمران خان کان وٺي ، ماھ رنگ بلوچ ، علي زيدي سميت اسان جا ڪيترا ئي سوين قيدي سنڌ ۾ آھن ، اسان لاء ھي پاڪ ملڪ قيد خانو ٺاھيو ويو آھي.ھي ڪوئي سٺو عمل ناھي ، پاڪستان صرف ان تي نه کٽيندو ته اسان جا ڪھڙا اتحادي آھن آمريڪا اتحادي آھي يا سعودي الائنس ليڪن سياسي قيد خانه ، سوشل قيد خانه جنھن ۾ غريب غريب ٿيندو وڃي هن چيو ته 27 ترميم کان بعد 28 ترميم تي ڳالھائڻ يا ايڊمنسٽريٽر جي يونٽ جي ڳالهه ڪرڻ ، پاڪستان جي بنيادي تصور جي خلاف آهي، ان موقعي تي منير نائچ ، فتح محمد خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.