حڪومت پاران عوام جي کيسن تي 180 ارب رپين جو بار

لاهور (بيورو) حڪومت هڪ مهيني ۾ عوام جي کيسن مان لڳ ڀڳ 180 ارب رپيا اضافي طور گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن جو وڏو حصو پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو ٽيڪسن مان حاصل ٿيندو، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستاني عوام في ليٽر پيٽرول تي لڳ ڀڳ 120 رپيا ۽ ڊيزل تي 60 رپيا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ادا ڪري رهي آهي، جنهن سان حڪومت کي وڏي آمدني حاصل ٿي رهي آهي، هن چيو ته هن مهيني صرف پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڪري مان حڪومت کي لڳ ڀڳ 180 ارب رپيا ملندا، جڏهن ته عوام جي هن قرباني جو فائدو مختلف منصوبن ۽ خرچن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ٻئي پاسي توانائي وزارت جي ذريعن موجب پيٽرول جي مجموعي قيمت جو لڳ ڀڳ 32 سيڪڙو حصو مختلف ٽيڪسن تي ٻڌل آهي، رپورٽ موجب في ليٽر پيٽرول تي عوام مجموعي طور 129 رپيا 72 پئسا ٽيڪس ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ پيٽروليم ليوي 103 رپيا 50 پئسا، ڪسٽم ڊيوٽي 23 رپيا 72 پئسا ۽ ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي 2 رپيا 50 پئسا شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.