سنڌ ۾ هيٽ ويو، وڏي وزير پاران رليف ڪيمپون قائم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ شديد گرمي ۽ هيٽ ويو جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، موسميات کاتي موجب ڄامشورو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي ۽ سانگهڙ هن وقت هيٽ ويو جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن بعد وڏي وزير انهن ضلعن جي انتظاميا کي رليف ڪيمپس قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي مريضن لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي، هن عوام کي اپيل ڪئي ته سخت گرمي دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ احتياطي تدبيرون  اختيار ڪن، مراد علي شاهه چيو ته ٻاهر نڪرڻ وقت مٿي کي ڍڪڻ گهرجي، پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.