ڪراچي/جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلزپارٽي ايم اين اي اعجاز جکراڻي پنهنجي ويڳي ڀاءُآزاد خان جکراڻي کان لاتعلقي ڪري ڇڏي، ايم اين اي اعجاز جکراڻي پنهنجي ڀاءُ کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيئن ته منھنجو ۽ منھنجي خاندان جي منهنجي ڀاءُ آزاد ولد مير بابل خان جکراڻي دل آزاري ڪئي آهي ۽ صدمو پهچايو آهي جنھن ڪري مان ۽ منھنجو خاندان آزاد جکراڻي کان هميشه لاءِ لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا، اسان جو ساڻس ڪو به واسطو ناھي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوسٽ موجب اعجاز جکراڻي چيو ته آزاد جکراڻي پنھنجي غلط ۽ ڀلي ڪم جو پاڻ ذميوار آھي ۽ رھندو جيڪو به ساڻس ڏيتي ليتي ڪندو يا ڪاروبار ڪندو ان سان منھنجو، منھنجي پٽن ۽ خاندان جو ڪو به تعلق ناھي ۽ نه رهندو، اڄ کان پوءِ منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو آزاد جکراڻي سان شادي ڏک ۽ هر قسم جو تعلق ختم آهي.