ڪرمپور ۾ مقابلو ڄاڻائي شاگرد قتل، ٿاڻي جو گهيراءُ

ڪرمپور (عوامي آواز نيوز) ڪرمپور پوليس پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي، مقابلو ڄاڻائي معصوم شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو، مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو ويو، ٿاڻي اندر پڻ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، نينگر جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي واسي نائين ڪلاس جي شاگرد محميد بجاراڻي کي پوليس ٽيم فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن موجب ڳوٺاڻا موٽرسائيڪل تي شراب جي بوتل کڻي وڃڻ ڪري پوليس کي ڏسي  نه بيٺا ته واقعو پيش آيو، علائقي واسين موجب ھنن جا پاڻ ۾ ذاتي تڪرار آھن، رات جو وقت ھجڻ ڪري پوليس جا اھلڪار به موٽرسائيڪل تي ھجڻ سبب ھنن موٽرسائيڪل نه روڪي ته سپاھين فائرنگ ڪري نائين ڪلاس جو نينگر قتل ڪيو، واقعي کانپوءِ شاگرد جا وارث جذباتي ٿي ٿاڻي تي آيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪري ڏني، مقتول شاگرد جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس بيگناهه اسان جي شاگرد کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي، پوليس ٽيم ۾ شامل اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته ڌرڻي ۽ ٿاڻي جي گهيراءُ، ڀڃ ڊاهه کان پوءِ پوليس محميد بجاراڻي جو قتل ڪيس سندس امڙ جي فرياد تي ڇھه اڻڄاتل اھلڪارن خلاف داخل ڪري ورتو، جڏهن ته ٿاڻي اندر موجود شاگرد جي وارثن الزام هنيو ته شاگرد محميد بجاراڻي کي مهراڻ ڪار ۾ سوار خانگي ماڻهن قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.