ايڊووڪيٽ مير خان طرفان شاگرد جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان

ڪرمپور: ڪرمپور پوليس طرفان شاگرد کي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ ايڊووڪيٽ ھاءِ ڪورٽ مير خان چاچڙ ڪرمپور بجاراڻي ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ شھيد ڪيل معصوم شاگرد جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪرمپور بجاراڻي ۾ معصوم شاگرد محميد بجاراڻي جيڪو نائين ڪلاس جو شاگرد ھو پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو، ايڊووڪيٽ مير خان چاچڙ اعلان ڪيو ته اسان سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم  تان والدين ۽ معصوم شاگرد جي وارثن کي گذارش ڪريون ٿا ته شھيد شاگرد جو ڪيس مفت ۾ وڙهندس، مون سان ان معاملي تي لهه وچڙ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.