پپري ۾ فائرنگ، نوجوان قتل، اسٽيل ٽائون موڙ وٽ ڌرڻو

ملير (عوامي آواز نيوز)  ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي قتل جا واقعا وڌي ويا، گمبٽ واسي نجيب ميمڻ کان پوءِ پپري ۾ نوجوان سليم گوپانگ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪجھه ڏينھن اڳ نوجوان جي موٽر سائيڪل به ڦر ٿي وئي هئي، گذريل ڏينهن پپري هوٽل تي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون جاري هيون قاتل پاڻ سان گڏ هٿيار لڪائي کڻي آيا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعو صرف ڦر واقعي جي نتيجو ناهي ٻئي ڌريون هڪ ئي علائقي جا رهائشي آهن واقعي  جي مڪمل جاچ ڪئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي واقعي جي گهڻ طرفي جاچ ڪئي وڃي ته خبر پئي هڪ ئي علائقي ۾ رهندڙن ڪيئن نوجوان کي قتل ڪيو آهي، پپري ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان سليم ڱوپانگ قتل وارثن ۽ سڄاڻ ڌرين قومي شاهراھ اسٽيل ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، نوجوان سليم گوپانگ 13 ڏينهن اڳ شادي ڪئي هئي، فائرنگ واقعي ۾ سندس ڀاءُ به زخمي ٿي پيو، وارثن پاران مطالبو ڪيو ويو ته نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.