ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سخت گرمي سبب هيٽ ويو الرٽ جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي جي موسم بابت به اڳڪٿي جاري، موسميات کاتي موجب صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم، انتهائي گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، سڀاڻي تائين سنڌ جا مرڪزي ۽ اتر وارا علائقا هيٽ ويو جي اثر هيٺ رهندا، ڄامشورو، دادو، شهيد بينظيرآباد، ڪشمور، گھوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، نوشهرو فيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر سخت گرمي کان متاثر ٿيندا، انهن ضلعن ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ ماهرن طرفان شهرين کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجو خيال ڪن، خاص ڪري ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، ماهرن جو چوڻ آهي ته سج جي تپش ۾ غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، آبادگارن کي فصل ۽ مال جي حفاظت جي هدايت ڪئي وئي، ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.