حيدرآباد (رپورٽر) سنڌين نيشنل ڪانگريس حيدرآباد طرفان مرڪز جي اعلانيل سڏ تي نسيم نگر چوڪ قاسم آباد حيدرآباد تي سنڌين نيشنل ڪانگريس حيدرآباد جي اڳوڻي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر ڪارڪن رضوان ميمڻ جي آزاديءَ لاءِ ۽ پورهيتن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻن محب آزاد، سارنگ جويي، سھڻي جويو ۽ اعزاز لغاري احتجاج ڪندي چيو ته سنڌين نيشنل ڪانگريس جي ڪارڪن رضوان ميمڻ جي کنڀجڻ جي مذمت ڪندي گُھر ڪئي ته رياست انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري رضوان ميمڻ کي آزاد ڪري نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سخت ڪيو ويندو، پورهيتن جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي واضح ڪيو ته پورهيتن جي جدوجھد قربانين جي تاريخ ٺاھي ٿي، شڪاگو جي شھيدن جي قربانيءَ جي ڪري 18 ڪلاڪن مان 8 ڪلاڪن جي اجرت نصيب ٿي، سنڌ جي پورھيت جو پڻ استحصال ٿي رھيو آھي انڪري اسان سنڌ جي پورھيتن جي استحصال کي سنڌ جو سياسي سوال سمجھون ٿا، انڪري اسان سنڌ جي پورھيتن سان گڏجي سنڌ جي آجپي جي ذريعي قومي ۽ طبقاتي استحصال جو خاتمو آڻينداسين.