سکر/ پنوعاقل(نمائندن وٽان) سکر جي علائقي پني عاقل ڀرسان پراڻي دشمني تان فائرنگ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، پني عاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳاڙھڪو ۾ مھيسر ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ٿيو جنهن دوران ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ غلام علي ميراڻي قتل ٿي ويو، جڏهن ته ارشاد ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاعن موجب واقعي بعد علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته مارجي ويل مقتول جو مڙھ ۽ زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان ڊاڪٽرن پاران قانوني ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر اسپتال موڪليو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو جنهن جي پلاند ۾ واقعو پيش آيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، ذريعن موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي جڏهن ته وڌيڪ اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي.