پورهيت هن وقت به سخت ڏکيائين جو شڪار آهن:حبيب جنيدي

ڪراچي (رپورٽر) پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ريلوي ۾ به هڪ جلسو ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي پورھيت اڳواڻن چيو  تھ ريلويءَ جا پورهيت هن وقت سخت ڏکيائين جو شڪار آهن، جڏهن ته ريلوي اختياريون رڳو کوکلن نعرن تائين محدود ٿي ويون آهن، پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريل پورهيت محاذ پاڪستان جي سڏ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي پورهيتن جو هڪ شاندار جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي ملڪ جي ناميارن پورهيتن اڳواڻن حبيب الدين جنيدي، منظور احمد رضي، ڪامريڊ ناصر منصور، محمد نسيم رائو، حسين بادشاهه، منظور احمد ملاح، دلبر خان مگسي، نياز حسين خاصخيلي، سيد شاهد اقبال، صابر تنولي، امير بخش رند، شڪيل اعواڻ، حميد بلوچ، وحيد اسلم، مظهر علي شاهه، عبدالقادر سولنگي ۽ فرمان علي ملاح خطاب ڪيو، حبيب الدين جنيدي چيو ته ريلويءَ جا پورهيت هن وقت سخت ڏکيائين جو شڪار آهن، جڏهن ته ريلوي اختيارين رڳو کوکلن نعرن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، جيڪڏهن مستقبل ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت مرڪز ۾ آئي ته ريلوي ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايا ويندا، منظور احمد رضي چيو ته ملڪ ۾ پورهيت تحريڪ جي ڪمزوريءَ سبب اڄ پورهيت پنهنجن بنيادي حقن کان محروم ٿي چڪا آهن، ڪامريڊ ناصر منصور چيو ته هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ ريلوي ۾ ريفرينڊم جو ماحول ٺهي رهيو آهي، ان ڪري پورهيتن کي گهرجي ته هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺن نه ته اهڙا عنصر ٻيهر مڙهي سگهن ٿا جن سي بي اي هجڻ باوجود پورهيتن جي حقن لاءِ ڪا موثر جدوجهد نه ڪئي، محمد نسيم رائو چيو ته ريلوي ۽ ان جي ملازمن جا حال ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، ڇو ته هڪ منظم رٿابنديءَ هيٺ هن قومي اداري ۽ ان جي پورهيتن کي زوال طرف ڌڪيو ويو آهي، حسين بادشاهه چيو ته پيپلز ليبر بيورو هر ڏکي گهڙيءَ ۾ ريلوي پورهيتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڇو ته هن اداري جي اصل طاقت ان جا پورهيت آهن.منظور احمد ملاح چيو ته پاڪستان ريلوي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جو ڪارڪن 24 ڪلاڪ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو ۽ ملڪ جي معيشت کي جاري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڪراچي ڊويزن روينيو جي لحاظ کان هڪ اهم حب آهي، پر افسوس جو ان کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ريلوي ۾ عدالت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪندي فوري طور ريفرينڊم ڪرايو وڃي.ريلوي ملازمن جي ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون وڃن، ريلوي پورهيتن ۽ سندن گهر ڀاتين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.خاص طور ڪراچي ڊويزن ۾ عملي جي کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.