ملڪ رياض ۽ ٻين خلاف دائمي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي احتساب عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) پاران داخل ڪيل ريفرنسن جي ٻڌڻي دوران هڪ اهم فيصلو ٻڌائيندي مشهور ڪاروباري شخصيت ملڪ رياض، انهن جي پٽ ۽ پوٽي سوڌو ٻين جوابدارن خلاف تاحيات ۽ دائمي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم موجب بحريا ٽائون جي سربراهه  ملڪ رياض، سندن فرزند زين ملڪ سميت ٻين لاڳاپيل جوابدارن کي قانوني طور گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو، عدالت اهو فيصلو ان بنياد تي ٻڌايو ته جوابدار ڊگهي عرصي کان عدالتي ڪارروائي کان غير حاضر رهيا ۽ کين اڳ ئي اشتھاري قرار ڏنو ويو هو، جنهن کان پوءِ عدالت انهن خلاف سخت قانوني قدم کڻندي دائمي وارنٽ جاري ڪيا، هن ڪيس ۾ صرف ملڪ رياض ئي نه پر ٻين بااثر شخصيتن خلاف به قانوني گهيرو وڌيڪ تنگ ڪيو ويو آهي، احتساب عدالت شاهد محمود قريشي، وسيم رفعت ۽ احمد بخش ناريجو خلاف به دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته فيصل سرور قريشي، ثاقب سومرو ۽ وقاص رفعت جي گرفتاري لاءِ به وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، نيب اختيارين موجب انهن سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون پيون وڃن ته جيئن کين قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي، اشتھاري قرار ڏيڻ کان پوءِ هن ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ مرحلي ۾ جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ بابت به قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.