سنجهورو ويجهو ناري جو مبينا آپگهات، وارثن پاران قتل جو الزام

سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ سنجھورو ٿاڻي جي حد ۾ 18 ورهين جي شادي شده ناري شريمتي ڪولھي جي مبينا خودڪشي واري معاملي تي نئون موڙ اچي ويو، وارثن الزام لڳايو آهي ته شريمتي ڪولھي پاڻ حياتي ختم ناهي ڪئي پر کيس مڙس پاران تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان شريمتي جي وارثن پريس ڪلب سانگھڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،جتي  هنن سخت نعريبازي ڪئي، پوليس خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته سنجھورو پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي ۽ معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وارثن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايڄ او سانگھڙ گلزار مري ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھائيندي چيو ته اوھان جو واقعو سنجھورو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آھي منھنجي ايس ايڇ او سنجھورو سان ڳالهھ ٿي آھي اوھان وڃو ۽ پنھنجو ڪيس داخل ڪرايو، ڳالھين بعد سانگھڙ ميرپور خاص روڊ مظاھرين کولي ڇڏيو ۽ ڪولھي برادري جا ماڻھو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سنجھورو روانا ٿي ويا ۽ سنجھورو پوليس جو موقف سامهون نه اچي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.