ڪراچي ۾ گهريلو تڪرار تان ڀيڻيوي هٿان سالي قتل، سس زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون واري علائقي يار محمد ڳوٺ ۾ مبينا گهريلو تڪرار تي ڀيڻيوي تيز ڌار هٿيار سان حملو ڪيو، واقعي ۾ 13 ورهين جي نياڻي اقرا عبدالڪريم فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس ماءُ ارباب زادي سخت زخمي ٿي پئي، لاش ۽ زخمي عورت کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج جاري آهي، پوليس موجب جوابدار  غلام محمد تڪرار دوران سالي تي وار ڪري قتل ڪيو، حملو دوران سس به زخمي ٿي پئي، ايس ايڇ او ممتاز مروت موجب ڪرائم سين يونٽ ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن، جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي ۽ سندس ڳولا جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.