ٽنڊو الهيار ۾ چڙهائي دوران پوليس يرغمال، ڊي ايس پي سوڌو 13 اهلڪار زخمي

ٽنڊوالهيار/چمبڙ (رپورٽ : حسرت لغاري/ ثوبيا کوسو) ٽنڊوالهيار ۾ تعليم کاتي جي رٽائرڊ آفيسر عبدالحڪيم جروار جي گھران لڳل 50 لک روپين جي ڌاڙي واري ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويل پوليس مٿان ڳوٺاڻن جو حملو، گوليون، پٿر، ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڊي ايس پي چمبڙ، مرد توڙي ليڊيز پوليس اهلڪارن سميت 13 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۽ شديد زخمين زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار جي بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرخان ٺوڙو وڏا ماڇي ۾ پوليس 50 لک روپين جي ڌاڙي جي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو، ڇاپي دوران ڳوٺاڻن ڪھاڙين لٺين، سروٽن ۽ فائرنگ ڪري پوليس تي حملا شروع ڪري ڏنا، پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلي دوران پوليس اهلڪار مهدي رند کي 4 گوليون لڳيون، جڏهن ته ڊي ايس پي چمبڙ سردار چانڊيو، اي ايس آءِ الاهي بخش بهراڻي، پوليس اهلڪار مظهر جسڪاڻي، سڪندر جروار، نصيب، امتياز حنيف، سريش، فراز سميت 4 ليڊيز پوليس اھلڪار ڪرن، رمشا، سهرش، شمائلا سخت زخمي ٿي پيا، هڪ پوليس اهلڪار جي حالت وڌيڪ نازڪ ھجڻ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس اهلڪارن کان سرڪاري هٿيار پڻ ڦر ڪري فائرنگ ڪئي وئي، اهڙي واقعي بعد آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ صوبائي گهرو وزير جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ پوليس تي حملي جو ڪيس بڪيراشريف ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ دھشت گردي جي قلمن تحت سرڪار جي فرياد تي 27 سڄاتل ۽ 25 اڻڄاتل مردن توڙي عورتن خلاف داخل ڪيو ويو، ڄاڻايل جوابدارن ۾ ارشد، نثار، رياض، اعجاز، ساجن، مھر علي، مجيد، عبدالحق، علڻ ۽ ٻيا شامل آھن. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته پوليس ڌاڙي ۽ ڦر جي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءَ ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پھتي ته ڳوٺاڻن لٺين، سرن، ڪھاڙين ۽ پوليس کان هٿيار ڦري فائرنگ ذريعي پوليس تي حملا شروع ڪري ڏنا، ان حملي دوران ڊي ايس پي چمبڙ سميت 13 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، ھڪ اھلڪار کي ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، ٻي پاسي ايس پي سيد سليم شاهه جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ايس ايس پي موجب پوليس تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ضلعي جي وڏي  پوليس نفري سان گڏ ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جڏهن ته آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس تي حملي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته پوليس مٿان حملو ڪندڙ جوابدار فوري طور گرفتار ڪيا وڃن ۽ زخمي پوليس اهلڪارن جو بهتر علاج ڪرايو وڃي.

ڳوٺ وڏا ماڇي ڏوهارين جي پناهه گاهه بڻيل آهي: علائقي واسي

چمبڙ: ڏوهارين خلاف آپريشن ۽ پوليس مٿان حملي کان پوءِ عوامي آواز سان ڳالهائيندي علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڳوٺ وڏا  ماڇي ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل ڏوهارين جي پناهه گاهه بڻيل آهي، جتان بار بار چوريون ۽ ڦر جون وارداتون ٿين ٿيون ۽ ڏوهارين کي ايم پي اي جي سپورٽ حاصل آهي ۽ ان سرپرستي سبب پوليس ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، ڪجهه مهينا اڳ به هڪ چوري واري واقعي جا پيرا ساڳئي علائقي ۾ پهتا هئا، جتي مبينا طور بااثر ڌرين جي مداخلت سبب پوليس کي ڪارروائي کان روڪيو ويو هو، متاثر ڌر جي احتجاج کانپوءِ مال واپس ته ملي ويو پر جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ ڪامريڊ ارباب رستماڻي جو چوڻ هو ته ڳوٺ وڏا ماڇي ڪيترن ئي سالن کان ڏوهارين جو ڳڙهه بڻيل آهي پر سياسي مداخلت ۽ سپورٽ سبب انهن خلاف ڪاروائي ناهي  ٿي سگهي، پهرين به انهن ڏوهارين جي هٿان هڪ اي ايس آءِ، سپاهي به قتل ٿي چڪا آهن، سموري چمبڙ، گلاب لغاري، شيخ ڀرڪيو جي حدن مان جيڪا به چوري، ڦر ، ڌاڙي جي واردات ٿئي ٿي اهي پيرا انهي ڳوٺ ڏي ويندا آهن پر پوءِ به ڪجهه نٿو ٿئي فريادي دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پوندا آهن، ارباب رستماڻي جو اهو به چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا ڏوهارين غريب ڪولهين ڀيلن جي گهرن ۾ ڌاڙا هنيا ۽ اتي موجود عورتن جون عزتون به لٽيون پر متاثر خوف سبب خاموش رهيا، ڏوهارين ۽ سندس سپورٽر سياسي ماڻهن خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.