واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جاري رکڻ جو اختيار ختم ٿي ويو آهي هاڻي ڪانگريس وڌيڪ فيصلو ڪندي. ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پاس ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ فيصلو ٿيندو. هوڏانهن ٽرمپ جنگبندي جي خاتمي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران تي حملن جو اشارو ڏئي ڇڏيو. اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي نٿو لڳي ان جي ضرورت آهي پر شايد پئجي به سگهي ٿي. آمريڪا ايران جون 90 سيڪڙو ميزائل فيڪٽريون تباهه ڪري ڇڏيون، ايران تي پابنديون ڪامياب آهن، ايران جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي، ايران جوهري هٿيار نٿو رکي سگهي ۽ ايران معاهدو ڪرڻ لاءِ بيچين آهي. سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت جي حوالي سان غير يقيني صورتحال وڏو مسئلو آهي، ڇو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته اتي اصل ليڊر ڪير آهي.
تهران (بيورو رپورٽ) ايران آمريڪا سان ڳالهين لاءِ نين تجويزن جو مسودو ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان کي موڪلي ڇڏيو. ايراني سرڪاري اداري ارنا دعويٰ ڪئي آهي ته جنگبندي ڳالهين بابت نيون تجويزون خميس جي شام پاڪستان حوالي ڪيون آهن.هاڻ اهي تجويزون پاڪستان آمريڪا کي موڪليندو، جنهن کانپوءِ ان جو جواب ڏٺو ويندو ۽ ايندڙ جواب واپس ايراني حڪومت کي موڪليو ويندو.ذريعن موجب اهي تجويزون آمريڪا تائين پهتيون آهن، جنهن جي تصديق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪئي آهي. واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ڳالهين جي عمل ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هوڏانهن ايران جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس غلام حسين محسني چيو آهي ته اسان ڪڏهن ڳالهين جي ميز ناهي ڇڏي، اسان جنگ جا خواهشمند ناهيون پر ان کان ڊڄون به نٿا. ايراني سرڪاري خابرو اداري موجب چيف جسٽس غلام حسين محسني چيو ته جيڪڏهن اسان جي عزت کي خطرو محسوس ٿيو ته پنهنجي عزت لاءِ وڙهنداسين، اهو اسان جي قوم جو پختو موقف آهي. هن چيو ته ايران سدائين ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي پر سفارتڪاري منطق ۽ عقل تي ٻڌل هوندي آهي، اسان ڪنهن قسم جو ڏاڍ قبول نه ڪنداسين، جيڪو دشمن جارحيت ۽ ڌمڪين ذريعي پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو، اهو ڳالهين جي ميز تي به حڪم هلائڻ يا مطالبا مڙهڻ جو حق نٿو رکي. چيف جسٽس اهو به چيو ته ايران آمريڪا خلاف قانوني ڪارروائي ڪندو، اسان جنگي ڏوهه ڪندڙن جو پيڇو ڪنداسين، کين سزا ڏيارينداسين ۽ انهن کان معاوضو حاصل ڪنداسين.