مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پٽ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پيپر بڪ جون صاف ڪاپيون نه هجڻ سبب جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي  ڪري ڇڏي، شاهد حيات جي وڪيل فيصل صديقي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپر بڪ جون صاف ۽ چٽيون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون آهن، وڪيل راءِ طاهر مامون شيراني جو چوڻ هو ته اسان کي اڃا تائين پيپر بڪ جون صاف ۽ چٽيون ڪاپيون نه مليون آهن، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪندي سمورن وڪيلن کي چٽيون ڪاپيون مهيا ڪيون ويون آهن، جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اپيليٽ آفيس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته جيڪڏهن وڪيل رابطو ڪندا ته ڪاپيون فراهم ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.