مٽياري ڀرسان نينگر ٺرو پياري بدفعلي بعد قتل، صندوق مان لاش هٿ

مٽياري (عوامي آواز نيوز) مٽياري ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، نشي جي عادي شخص وحشي جوابدار اسڪول کان موٽندڙ نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو، نينگر جي وارثن جي بيان موجب فياض کي ٺرو پياري بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو آهي، الهڏنو ساند ۾ 8 ورهين جي نينگر فياض ساند کي اسڪول کان گهر ويندي اغوا ڪري بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو، جوابدار کي نشي جي حالت ۾ پڪڙيو ويو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدار محمد ساند نينگر کي وٺي وڃي ٺرو پياري بدفعلي بعد قتل ڪري لاش پيتي ۾ وجهي هليو ويو، مقتول نينگر جي وارثن موجب جوابدار اسڪول کان موٽندڙ اسان جي نينگر فياض کي چيو ته بابا ڪيڏانهن ويو آهي، هن چيو ته بابا ويو آهي پڙي تي، چيائين ته هلي اچ توکي ٻني تي وٺي هلان ٿو، شيءِ وٺي ڏيان ٿو، اسان سمجهو ته پاڙي جو آهي، ٻار کي شيءِ وٺي ڏيندو، ٻار سان ظلم نه ڪندو، اسان کي خبر  هجي ها ته ٻار کي قتل ڪري ڇڏيندو ته ڪو نه ڇڏيون ها ٻار کي، پڙي تان واپس آياسين، ٿڪجي پياسين اڌ ڪلاڪ کن ساهه پٽيو ته ٻارن چيو ته نينگر آيو ناهي، ايترو وقت ڪنهن سان ويهندو ناهي، سڄي پاڙي مان ڳولا ڪئي پر نينگر هٿ نه آيو، جوابدار کي وڏي ڳولا کان پوءِ هٿ ڪري پادر هنياسين هو نشي ۾ هو، اسان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو، هڪ نينگر ٻڌايو ته اسان جو ڇوڪرو فلاڻي گهر ۾ ويندي ڏٺو، پهتاسين ته هو زخمي مليو اسپتال کڻي آيا پر ان جو ساهه نڪري ويو، جوابدار ته گرفتار ٿي ويو آهي پر ڪيس وغيره داخل ناهي ٿيو، وارثن موجب هڪ گهر جو تالو ٽوري پهتاسين ته صندوق مان ڇوڪري جو لاش مليو، جوابدار پوليس وٽ آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، نينگر کي ٺرو پياري بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.