ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، ٻه نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا، قائد آباد ٿاڻي جي حد ۾ لانڍي اسپتال چورنگي ۽ يونس چورنگي جي وچ ۾ واقع هڪ ٽائر ڪمپني سامهون ٽرالر هيٺان اچي ٻه نوجوان حياتي وڃائي ويٺا، جن جا لاش ڇيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا، فوتين جي سڃاڻپ محمد ارشد ولد فضل الرحمان ۽ ضمير ولد نواب طور ٿي جن جون عمريون 16 کان 18 ورهين جي وچ ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون، ايس ايڇ او قائد آباد محمد اعجاز موجب محمد ارشد جو تعلق خوشاب ۽ ضمير جو سانگهڙ سان هو ۽ ٻئي ويجهي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندا هئا، ٻئي نوجوان ٽرالر هيٺان ليٽي پيا ته کين ننڊ اچي وئي، ان دوران ڊرائيور لاعلمي ۾ ٽرالر هلائي ڇڏيو جنهن سبب ٻئي نوجوان چيڀاٽي فوت ٿي ويا، ٽرالر ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، فوتي ضمير حسين جي مائٽن موجب هو پورٽ قاسم تي مال بردار گاڏي سان آيو هو ۽ ڪلينر طور ڪم ڪندو هو، هڪ سال اڳ شادي به ڪئي هئي، حادثي وقت هو ٽرالر هيٺان آرام ڪري رهيو هو ته ٻئي ٽرالر هيٺان اچي چيڀاٽي فوت ٿي ويو.