حددخليون ۽ شهري انفرااسٽرڪچر فائر سيفٽي ۾ وڏي رنڊڪ قرار

ڪراچي (رپورٽر)گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن ڪيترائي ڏينهن اڳ پنهنجي رپورٽ حڪومت سنڌ حوالي ڪري چڪي پر اڃا تائين اها رپورٽ عوام آڏو ظاهر نه ڪئي وئي، سرڪاري ذريعن موجب رپورٽ ۾ گل پلازا ۾  فائر سيفٽي انتظامن جي کوٽ سان گڏ عمارت جي چوڌاري موجود حددخلين، ايم اي جناح روڊ تي معمول جي ٽريفڪ جام ۽ گرين لائن منصوبي جي تعميراتي ڪم سبب ريسڪيو آپريشن ۾ پيش آيل رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن ڪري امدادي ڪارروايون متاثر ٿيون، ڄاڻايو ويو ته ڪي ايم سي فائر اسٽيشن صدر صرف پنج منٽن جي مفاصلي تي هئڻ باوجود ٽريفڪ ۽ ٻين رڪاوٽن سبب فائر ٽينڊر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ گهڻي دير ٿي. واضح رهي ته 17 جنوري 2026 تي پيش آيل هن سانحي ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون، شروعاتي طور ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ ورتي وئي جيڪا سياسي ۽ سماجي حلقن رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد 10 فيبروري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ٿي، ڪميشن 7 اپريل تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جو فيصلو صوبائي حڪومت تي ڇڏيو ويو، ماهرن ۽ سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته رپورٽ کي فوري طور عوام آڏو آندو وڃي ته جيئن متاثر خاندانن کي حقيقتن کان آگاهي ملي سگهي، جڏهن ته حڪومتي ترجمان موجب ڪميٽي جي سفارشن بعد رپورٽ جاري ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.