ٽنڊوالهيار (رپورٽ: حسرت لغاري) منشيات فروشي کي نه روڪڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو ڊي ايس پي ڌڻي بخش مري ۽ ڊي ايس پي سٽي محمد عثمان لغاري کي معطل ڪري کين سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اعجاز بهڻ کي ڊي ايس پي سٽي ٽنڊوالهيار طور مقرر ڪيو ويو، ٻئي پاسي ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سيد سليم شاهه به منشيات فروشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ مختلف ٿاڻن جي 9 ايس ايڇ اوز ۽ 8 هيڊ محررن کي معطل ڪري کين لائن حاظر ڪري ڇڏيو، معطل ٿيل ايس ايڇ اوز ۾ اشفاق مري، ميرل کوسو، قربان بنگلاڻي، ممتاز چانڊيو، قربان راڄڙ ۽ ٻيا شامل آهن، معطل ٿيل هيڊ محررن ۾ يعقوب بجاراڻي، غلام قادر پتافي، امداد کيڙو، شاهه محمد ۽ ٻيا شامل آهن، ان کان سواءِ ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن مان 153 پوليس اهلڪارن کي پڻ جدا جدا پوليس ٿاڻن ڏانهن بدلي ڪيو ويو.