دوحا(عوامي آواز نيوز)قطر آبناءِ هرمز جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا بندش قبول نه ڪندوقطر جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ملڪ آبنائي هرمز بابت ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا بندش کي قبول نه ڪندو۔ترجمان ماجد الانصاري خبردار ڪيو ته آبنائي هرمز کي سوديبازي جي اوزار طور استعمال ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ٽياڪڙي جي ڪردار ۾ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي۔اسان هن قدم جي حمايت ڪريون ٿا ۽ هن معاملي تي علائقائي سطح تي ۽ ان کان ٻاهر پنهنجن سڀني ڀائيوارن سان مسلسل رابطو ۽ هم آهنگي برقرار رکون ٿا،قطر پاڪستان سان ثالث طور ان جي ڪوششن بابت مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندو رهندو۔