واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران آمريڪا کان آبناءِ هرمز کولڻ جي درخواست ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس ملڪ اندروني قيادت جي بحران مان گذري رهيو آهي. آمريڪي نيوز ايجنسي ‘سي اين اين’ جي مطابق، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ته اهو هڪ سنگين بحران مان گذري رهيو آهي ۽ جلد کان جلد آبناءِ هرمز کي کولڻ چاهي ٿو. صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ٽرٿ سوشل’ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته ايران رپورٽ ڪئي آهي ته اهو هن وقت زوال جي حالت ۾ آهي ۽ پنهنجي قيادت جي حوالي سان هڪ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. سندس مطابق، ايران چاهي ٿو ته هرمز فوري طور تي کوليو وڃي ته جيئن علائقائي واپار ۽ توانائي جي فراهمي بحال ٿي سگهي. آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته ايران هن وقت پنهنجي اندروني قيادت کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هن کي يقين آهي ته هو هن عمل ۾ ڪامياب ٿيندو. هي بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن ايران ۽ خطي ۾ ٻين عالمي طاقتن جي وچ ۾ تڪرار جاري آهي.ڪالهه، آمريڪي صدر اشارو ڏنو هو ته هو ايران پاران پيش ڪيل تازي جنگ بندي ۽ ڳالهين جي منصوبي کي قبول ڪرڻ جي حق ۾ ناهي.سي اين اين جي مطابق، ايران هڪ منصوبو پيش ڪيو هو جنهن ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي تجويز شامل هئي، جڏهن ته ان جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين کي بعد جي مرحلي تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي.هي صورتحال وچ اوڀر ۽ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ توانائي جي فراهمي لاءِ تمام اهم سمجهي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستن مان هڪ آهي.ٻئي طرف، سعودي عرب جي شهر جده ۾ خليج تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي هڪ مختصر اجلاس دوران، آبنائي هرمز جي صورتحال ۽ علائقي ۾ وڌندڙ تڪرار جي تناظر ۾ هڪ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. الجزيره جي مطابق، اجلاس ۾ ٻن اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ آبنائي هرمز کي کليل رکڻ ۽ علائقي ۾ تيل ۽ توانائي جي فراهمي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ شامل آهي. ان سان گڏ، سياسي ۽ دفاعي سطح تي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.
ٻيهر جنگ جي صورت ۾ فيصلائتي جواب لاءِ تيار آهيون:ايراني فوج
تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي هٿياربند فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل محمد اڪرامي نيا چيو آهي ته ايران جي فوج مڪمل طور تي تيار آهي ۽ جنگ کي ختم ٿيل نٿو سمجهيو وڃي۔ايراني ميڊيا موجب هن چيو ته جنگ کي ختم نه سمجهيو ويو، ۽ جڏهن به ميدان ۾ عارضي خاموشي يا جنگبندي جهڙي صورتحال پيدا ٿي، تڏهن به ايران آمريڪا ۽ دشمنن تي عدم اعتماد سبب پنهنجي جنگي تيارين کي جاري رکيو ۽ نوان هدف مقرر ڪيا۔هن چيو ته جنگ کان اڳ ئي انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي سڀ يونٽ مڪمل تياري ۾ هئا۔ترجمان موجب اصفهان ۾ دشمن جي دراندازي دوران زميني فوجن فوري ڪارروائي ڪئي ۽ آمريڪي جهازن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب دشمن جو حملو ناڪام ٿيو۔جنرل اڪرامي نيا جي مطابق جنگ دوران قومي فضائي دفاعي نظام تحت ايران جي فوج جي ايرو اسپيس يونٽ گڏجي 170 کان وڌيڪ دشمن جهازن ۽ 16 جنگي جهازن کي نشانو بڻايو، جن ۾ جديد ڊرونز به شامل هئا۔ترجمان چيو ته جنگ جي شروعات ۾ ايران جي فضائي فوج عراق، ڪويت ۽ قطر ۾ دشمن جي اڏن تي حملا ڪيا۔ هن هڪ آمريڪي ميڊيا رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ ايراني F-5 جهاز مختلف دفاعي ليئرز کي ٽوڙي هڪ آمريڪي اڏي کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو۔ترجمان وڌيڪ چيو ته ايران جي بحري فوج علائقي ۽ اسرائيل ۾ هدفن تي ڪروز ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا، ۽ آمريڪي جنگي جهازن کي، جن ۾ جهاز بردار ٻيڙو “Abraham Lincoln” شامل هو، ايران جي ساحلن ويجهو اچڻ نه ڏنو ويو۔
منهنجي ماءُ کي ڪنگ چارلس ننڍپڻ کان ئي پسند هو: ٽرمپ
واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سندس ماءُ کي برطانوي بادشاهه چارلس ننڍپڻ کان ئي پسند هو. وائيٽ هائوس ۾ ڪنگ چارلس جي اعزاز ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته کيس ياد آهي ته سندس ماءُ صاف صاف چوندي هئي ته چارلس تمام پيارو هو. هن چيو، منهنجي ماءُ کي چارلس سان ريس هئي ، ڇا توهان يقين ڪندا؟” ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سندس ماءُ کي به ڪنگ چارلس جي ماءُ پسند هئي، جڏهن به هوءَ کيس ٽي وي تي ڏسندي هئي، ته هوءَ مون کي مخاطب ٿيندي چوندي هئي، "ڏس ڊونلڊ، هوءَ ڪيتري خوبصورت آهي.”