وزيراعظم پاران مئي ۾ چين جو دورو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم شهبازشريف مئي ۾ چين جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا، اقتصادي سهڪار ۽ گڏيل منصوبا تفصيل سان بحث هيٺ ايندا۔رپورٽن  موجب سي پيڪ  منصوبا هن دوري جو اهم حصو هوندا، ۽ انهن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو۔دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف چيني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ سيڙپڪاري، صنعت، زراعت ۽ خاص اقتصادي زونز تي تعاون وڌائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔ان کان علاوه هو چيني قيادت کي وچ اوڀر جي بحران بابت به اعتماد ۾ وٺندو ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به مشاورت ڪندو۔رپورٽن موجب آمريڪا-ايران معاملو به ملاقاتن جي ايجنڊا ۾ شامل هوندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ ۽ سي پيڪ منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ تي به غور ڪيو ويندو۔پرڏيهي وزارت دوري جي شيڊول تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري به چين جي صوبي هنان جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد هاڻي هينان صوبي جي شهر سانيا پهچي ويو آهي، جتي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي نمائندن سندس استقبال ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.