دبئي آباد ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو؟

اسلام آباد( شڪيل ملڪ )صدر مملڪت آصف علي زرداري هن وقت اڳ ئي خبرن ۾ آهن، جنهن جو هڪ سبب سندس نار وارن ملڪن سان لاڳاپا ۽ فيملي لاڳاپا آهن۔ پوءِ ڪجهه ڏينهن کان حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف به سامهون آيا آهن، جنهن سبب به هو خبرن ۾ آهن۔پر هاڻي هڪ وڌيڪ وڏي مشڪل سامهون آئي آهي۔ ڪجهه بند فائلون کوليون  ويون آهن ۽ هڪ بند ڪمري ۾ ميٽنگ ٿي آهي، جنهن ۾ اهي راز صدر زرداري جي سامهون رکيا ويا آهن۔ هاڻي فيصلو صدر زرداري کي ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي طرف وڃي،ٻئي طرف صدر زرداري جي سرگرمين تي به سوال اٿن ٿا۔ ڪجهه ڏينهن ايران جنگ روڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي سفارتڪاري هلي رهي هئي پر صدر زرداري  اسلام آباد ۾ نه هو، جڏهن ته صدر ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهي دورا خاص پيغام ڏيڻ لاءِ هئا، پر اصل مقصد واضح ناهي،سوشل ميڊيا تي اهو به هلي رهيو آهي ته دبئي کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.